اسلام آباد : پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي بائنانس ۽ ايڇ ٽي ايڪس کي اين او سي جاري ڪري ڇڏي آھي.
پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي پڌرائي موجب بائنانس ۽ ايڇ ٽي ايڪس کي پاڪستان ۾ شروعاتي تياري ۽ مشاورتي سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آھي.
پڌرائي۾ واضح طور تي چيو ويو آھي تہ ھي ايناو سي مڪمل تي آپريٽنگ لائسنس ناھي.
چيئرمين پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي بلال بن ثاقب جو چوڻ آھي تہ اين او سي جاري ڪرڻ مڪمل لائسنس يافتہ ۽ ريگوليٽڊ ماحول طرف پھريون قدم آھي.
ھن چيو تہ ان سان صارف جو تحفظ ۽ مالي شفافيت کي بنياد بڻايو ويندو، پاڪستان جي ڊجيٽل مارڪيٽ ۾ ھر ڪمپني کي شفافيت ۽ رسڪ مئنجيمنٽ جي اعليٰ ترين معيار تي پورو لھڻو پوندو.
بلال بن ثاقب چيو تہ پاڪستان دنيا ۾ ڪرپٽو اپنائڻ جي لحاظ کان ٽئين نمبر تي آھي، ھتي 3 کان 4 ڪروڙ صارفين موجود آھن.
ان جو چوڻ آھي تہ پاڪستان سان ڳنڊيل ساليانو ڊجيٽل ايسيٽ ٽريڊنگ سرگرمي جو ڪاٿو 300 ارب ڊالرز کا وڌيڪ آھي.
انھي حوالي سان ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آھي تہ اين او سي فريم ورڪ جي شروعات ۽ جدت جي عزم جو ثبوت آھي، پي وي اي آر اي دنيا جي پھرين اي آءِ سان ھلندڙ ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي بڻجي رھي آھي…..