آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ هڪ ارب 29ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ هڪ ارب 29ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو پاڪستان بابت اجلاس واشنگٽن ۾ ٿيو، اجلاس دوران پاڪستان لاءِ هڪ ارب 29ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي.

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ جلد هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر پاڪستان کي ملندا. پاڪستان کي سيپٽمبر 2024 ۾ 37 مهينن جو موجوده قرض پروگرام مليو هو.

اِي ايف ايف پروگرام تحت هڪ ارب ڊالرن جي پهرين قسط سيپٽمبر 2024 ۾ ملي، اي ايف ايف تحت هڪ ارب ڊالرن جي ٻي قسط مئي 2025 ۾ ملي.

آر ايس ايف موسمياتي تبديلي پروگرام تحت پهرين قسط منظور ڪئي وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں