اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوھر سوال اٿاريو آهي تہ اليڪشن ڪميشن طرفان سرٽيفڪيٽ جاري ناهي ٿيو تہ پي ٽي آءِ تي ڪيئن پابندي لڳائي وئي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوھر پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ تحريڪِ انصاف تي پابندي بابت اليڪشن ڪميشن اڃا تائين اسان کي ڪو سرٽيفڪيٽ ناهي ڏنو.
هن چيو تہ جڏھن ڪو سرٽيفڪيٽ جاري ئي ناهي ٿيو تہ پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيئن پي ٽي آءِ تي پابندي مڙھي ڇڏي؟
بئريسٽر گوھر موجب، پي ٽي آءِ بلوچستان مڪاني چونڊن لاءِ پنهنجو ڪو بہ اميدوار ميدان تي ناهي بيهاريو، جڏھن ته اسان چونڊن ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي پليٽفارم تان حصو ورتو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو تہ سياسي پارٽين تي پابنديون لڳائڻ سان ڪم نہ هلندو، ٻن سالن کانپوءِ بہ جيڪڏھن نوَ مئي تي بيٺا آهيو تہ اِها ملڪ لاءِ بدقسمتي جي ڳالهہ آهي ڇو تہ 25 ڪروڙ عوام ايوان ڏانهن واجهائي رهيو آهي ۽ هو بهتريءَ جي اميد پڻ رکن ٿا.