اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۽ گلگت بلتستان ۾ بجلي جي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي جائزہ اجلاس ٿيو جنهن ۾ گوادر پورٽ سٽي ۾ بجلي جي فراهمي ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جامع منصوبي تي فوري عملدرآمد جي منظوري ڏني وئي.
بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو تہ گوادر ۾ توانائي واري وزارت جي قدمن سبب بجلي جي فراهمي ۾ معطلي کي 42 سيڪڙو گهٽ ڪيو ويو آهي، ايندڙ 6 مهينن ۾ گوادر ۾ فراهم ڪيل بجلي جي وولٽيج کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ بہ جامع پلان جوڙيو ويو آهي، گوادر ۾ گهريلو، ڪاروباري صارفين کي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا ۽ فائديمند قدم کنيا پيا وڃن.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو تہ ڊگهي مدي واري پروجيڪٽس ۾ ايندڙ 8 کان 12 مهينن ۾ وڏن سرڪاري ادارن ۾ سولر سسٽم لڳايو ويندو، گوادر جي ڊگهي مدي واري پروجيڪٽس ۾ 40 ميگاواٽ جو منصوبو مستحڪم بجلي جي سپلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لڳايو ويندو. گلگت بلتستان ۾ ڇتين ۽ يوٽيليٽي سطح تي سولر پروجيڪٽ کي 2027 تائين مڪمل ڪيو ويندو. گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ توانائي واري وزارت جي گڏيل پروجيڪٽس سان حڪومت کي ساليانو هڪ ارب روپين جي بچت ٿيندي.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو تہ گوادر پورٽ سٽي کي بنا ڪنهن معطلي، مناسب قيمت ۽ ڀروسي جوڳي بجلي جي فراهمي وارن منصوبن تي سمورا لاڳاپيل ادارا هم آهنگي سان ڪم ڪن.
هن چيو تہ 100 ميگا واٽ سولر پروجيڪٽ سان گلگت بلتستان ۾ ماحولياتي اعتبار سان صاف بجلي جي بنا رنڊڪ ۽ مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ جي سولر پروجيڪٽ تي فوري عملدرآمد شروع ڪيو وڃي.
شهباز شريف چيو تہ گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي، معاشي ترقي وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، گلگت بلتستان ۾ صنعتي سرگرمين، سيڙپڪاري ۽ معاشي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.
وزيراعظم وڌيڪ چيو تہ گوادر ۾ بجلي جي بنارنڊڪ جي فراهمي ٻين سهولتن مان گوادر جي بندرگاهہ دنيا جي بهترين بندرگاهہ ۽ مستقبل ۾ معاشي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويندو….