فورسز جو قلات ۾ آپريشن، ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 12 دهشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

راولپنڊي:بلوچستان جي علائقي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم  12 دهشتگرد مارجي ويا آھن.

آءِ ايس پي آر موجب فورسز 6 ڊسمبر تي ڳجهي اطلاع تي قلات ۾ آپريشن ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو.

آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 12 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارودي مواد برآمد ڪيو ويو.

آءِ ايس پي ار موجب مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا، ڪنهن بہ امڪاني دهشتگرد جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں