جسٽس ظفر راجپوت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: جسٽس ظفر راجپوت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور عهدي جو  حلف کڻي ورتو آھي، چيف جسٽس جي حلف برداري تقريب گورنر ھائوس ۾ ٿي، جتي گورنر ڪامران ٽيسوري چيف جسٽس کي حلف کڻايو.

تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهہ، اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ججز، وڪيل اڳواڻ ۽ اڳوڻن ججز بہ شرڪت ڪئي.

حلف برداري تقريب ۾ ترڪيہ، قطر، اٽلي ۽ انڊونيشيا جا قونصل جنرل بہ موجود هئا.

ياد رھي تہ انهي کان اڳ جسٽس ظفر احمد راجپوت بطور وقتي چيف جسٽس پنهنجون ذميواريون انجام ڏئي رھيو هو، گذريل ڏينهن صدر آصف زرداري جسٽس ظفر احمد راجپوت کي مستقل چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ھئي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں