ڪراچي: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ سنڌ حڪومت سيليس ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ مڪمل تيار آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان اڳ ۾ ئي رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪري چڪا آهن.
ڪراچي ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جي نئين بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو تہ ايف بي آر وٽ سيليس ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو رڪارڊ موجود آهي ۽ سنڌ سيليس ٽيڪس آن سروس گڏ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ وفاق پڻ وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري سگهي ٿو، جيڪڏھن وفاق ٽارگيٽ ڏئي ۽ اسان مڪمل نہ ڪري سگهون تہ پنهنجي حصي مان وفاق کي رقم ڏئي سگهجي ٿي، پر جيڪڏھن ٽارگيٽ کان وڌيڪ رقم گڏ ٿي وڃي تہ اها رقم سنڌ جي عوام لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي.
هن چيو تہ اڳوڻو وزيراعظم شهر شهر وڃي چوندو هو تہ وفاق جو ڏيوالو ٿي ويو آهي ۽ ڪجهہ وزير ٻين صوبن کان اختيار ۽ وسيلا وٺڻ چاهين ٿا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ مٺي، سيوھڻ ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ اين آءِ سي وي ڊي جا مرڪز قائم آهن.
هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي دل جي علاج لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو نيٽورڪ بڻجي چڪو آهي ۽ پيپلز پارٽي شهرين کي اعليٰ معيار جون صحت سهولتون مفت فراهم ڪري رھي آهي.
سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم کانپوءِ مالي وسيلا صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ غلطي نہ هئي، ان جو بهترين مثال اين آءِ سي وي ڊي آهي، اسان ثابت ڪيو آهي تہ ادارن کي وفاق کان وڌيڪ بهتر طريقي سان هلائي سگهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ عالمي معيار موجب شهرين جو علاج ڪيو وڃي ٿو.