اسلام آباد : نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي تہ دنيا ۾ ٻرندڙ تڪرار عالمي امن لاءِ خطرو آهن، مئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي پئي.
هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو تہ موسمياتي تبديلي هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ڏکڻ ايشيا کي غربت ۽ آفتن سميت ٻين چئلينجز کي منهن ڏئي رھيو آهي، ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي پنهنجي مسئلن جي حل بابت سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.
نائب وزيراعظم چيو تہ دنيا ۾ ٻرندڙ تڪرار عالمي امن لاءِ خطرو آهن، اسرائيل طرفان غزا ۾ انساني جو قتل عام ڪيو ويو، ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيڻ سبب علائقائي امن خطري ۾ آهي.
هن چيو تہ عالمي معاشي منظرنامو تبديل ٿي رھيو آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ موسمياتي تبديلي ۽ خوراڪ جي کوٽ جهڙا چئلينجز سنگين صورت اختيار ڪندا پيا وڃن، گرمي پد ۾ واڌ ۽ ٻوڏن جا معيشت تي تباهہ ڪندڙ اثر پئجي رھيا آهن.
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو تہ ڏکڻ ايشيا ۾ سيڪيورٽي منظرنامو بہ پچيده آهي، ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، مئي ۾ پاڪ-ڀارت جنگ بہ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي پئي، پاڪستان تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪري ٿو….