راولپنڊي: اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان سندس ڀيڻ عظميٰ خان جي 29 ڏينھن بعد ملاقات ٿي، عظميٰ خان جو چوڻ آھي تہ عمران خان جي صحت صحيح آھي پر ھو ڪاوڙ ۾ ھو ۽ انڪشاف ڪيو تہ کيس ذھني ٽارچر جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
عظميٰ خان اڪيلي گيٽ نمبر 5 کان اڊيالا جيل رواني ٿي، جيل سپرنٽنڊنٽ پيغام ڏنو تہ رڳو ھڪ ماڻھو جي ملاقات جي اجازت آھي، عظميٰ خان کي خاص گاڏي ۾ ناڪي کان جيل نيو ويو.
جيل اختيارن 29 ڏينھن بعد باني سان ملاقاتون بحال ڪيون، پر عليمہ خان ۽ بئريسٽر سلمان اڪرم راجا کي اجازت نہ ملي سگھي .
ان موقعي تي پوليس جي نفري مقرر رھي، جيل تاريخ جا سخت ترين سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آھن.
ملاقات دوران جيل ٻاھران پي ٽي آءِ جي عورت ۽ مرد ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود رھيو، ملاقات جي اجازت ملڻ تي ڪارڪنن پاران نعريبازي بہ ڪئي وئي.
ملاقات کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪندي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي، جڏھن تہ اڊيالا جيل روڊ تي واقع سمورا تعليمي ادارن ۽ دڪانن کي بند ڪرايو ويو.
پي ٽي آءِ 6 وڪيل اڳواڻن جي فھرست جيل اختيارن کي اماڻي، فھرست ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوھر خان، سلمان اڪرم راجہ ۽ بئريسٽر سلمان صفدر جا نالا شامل ھئا، علي زمان، سردار نبي ۽ طلعت محمود جا نالا بہ فھرست ۾ شامل ھئا.
عمران خان ڪاوڙ ۾ ھو : عظميٰ خان
عظميٰ خان پنھنجي ڀاءُ عمران خان سان 20 منٽ جي ملاقات بعد اڊيالا جيل ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي تصديق ڪئي تہ عمران خان جي صحت الحمد اللہ سان صحيح آھي ۽ ھو مڪمل طور تي صحتياب آھي.
غطميٰ خان موجب پي ٽي آءِ باني چيو تہ ھي ڪنھن سان ڳالھرائن ٿا نہ وري ملاقات جي اجازت آھي، مونکي ذھني ٽارچر ڪري رھيا آھن، فزيڪل کان مينٽل ٽارچر وڌيڪ خراب ھوندو آھي، اِن سڀ جو ذميوار رڳو ھڪ شخص آھي، ان جي چوڻ تي ھي سب ڪجھ ٿي رھيو آھي ۽ ھو ھڪ ذھني مريض آھي.
عظميٰ خان وڌيڪ چيو تہ عمران خان ڪاوڙ ۾ ھو ۽ ان کي سمورو ڏينھن بند ڪمري ۾ رکيو ويندو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ٻاھر ڪڍيو ويندو آھي.
عظميٰ خان موجب ياسمين راشد ڪينسر جي مريض آھي ان کي جيل ۾ رکيو ويو، بشريٰ بي بي جي فيملي سان ملاقات نہ پئي ڪرائي وڃي، ھي سڀ ڪجھ ان شخص جي چوڻ تي ٿي رھيو آھي.
عظميٰ خان چيو تہ عمران خان ڪجھ ھدايتون ڏنيون آھن ۽ ڪجھ سوال بہ پارٽي ڏانھن اماڻيا آھن، سلمان اڪرم راجا ۽ حامد خان جيئن چوندا پي ٽي آءِ انھن کي سپورٽ ڪندي.
عظميٰ خان موجب عمران خان چيو تہ محمود خان اچڪزئي ۽ علامہ راجا ناصر عباس جي عزت ڪيان ٿو، پارٽي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين آڏو احتجاج ڪري ۽ ڪوشش ڪري تہ ان جو مخالف ڌر اڳواڻ طور نوٽيفڪيشن جاري ٿئي، مان حيران آھيان تہ اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري ناھي ٿيو، تحريڪ جي ذميواري محمود اچڪزئي ۽ علامہ ناصر عباس کي ڏني آھي، اھي اتحاد جا ليڊرز آھن.
عظميٰ خان موجب باني شاھد خٽڪ کي پارلياماني ليڊر نامزد ڪيو آھي، باني سھيل آفريدي کي چيو تہ اوھان فرنٽ تي کيڏو.
عظميٰ خان موجب باني قيد جي تنھائي جي ڪري سخت ڪاوڙ ۾ پريشان ھو، باني چيو تہ جن اسان کي جيل ۾ وڌو آھي اسان جا ماڻھو انھن سان سوشلائز ڪري رھيا آھن، جيڪي پارٽي ميمبر وڪيٽ جي ٻنھي پاسي کيڏي رھيا آھن انھن جي پارٽي ۾ ڪا بہ جاءِ ناھي، ھي پارٽي جا مير جعفر ۽ مير صادق آھن، باني چيو تہ پھريان افغانستان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، پوءِ ڊرون حملا ڪيا ايئن ڪرڻ سان دھشتگردي ختم ٿيڻ بدران وڌندي.
عظميٰ خان موجب عمران خان چيو تہ ھڪ شخص جي پاليسي جي ڪري ملڪ جو نقصان ٿي رھيو آھي ۽ دھشتگردي وڌي رھي آھي، ھي سڀ ان لاءِ ڪيو پيو وڃي تہ ان دنيا ان کي مجاھد چئي سگھي، ھي ايڪسٽينشن مافيا، کنڊ مافيا، لينڊ مافيا مينڊيٽ چور اوھان کي غلام ڪري رکندا، آزادي چاھيو تہ ان لاءِ وڙھڻو پوندو.
ملاقات جي موقعي تي پي ٽي آءِ ورڪرز جو وڏو انگ اڊيالا جيل ويجھو جمع رھيو جن نعريبازي ڪئي…..