اسلام آباد : وفاقي راڄڌاني واري شھر ۾ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي اھم شخصيت جي ننڍي عمر جي پٽ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽي تي سوار 2 ناريون فوت ٿي ويون .
سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي حد ۾ وي ايٽ گاڏي جي ٽڪر ۾ اسڪوٽي تي سوار 2 ناريون ٿڏي تي فوت ٿي ويون ، پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، فوتي نارين مان ھڪ اين سي اي ۾ ڊيزائينر ٻڌائي پئي وڃي.
اکين ڏٺن شاھدن موجب گاڏي تيز رفتار ھئي ۽ ٽڪر سبب اسڪوٽي ڪيترائي فٽ پري وڃي ڪري، ذريعن موجب جوابدار ابوذر ولد محمد آصف اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي اھم شخصيت جو پٽ آھي.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ جوابدار جي ڄمڻ جي تاريخ جولائي 2009 آھي، جوابدار جو ڊرائيورنگ لائسنس بہ ناھي ٺھيل، حادثي وقت جوابدار سوشل ميڊيا ايپ لاءِ ويڊيو ٺاھي رھيو ھو.
پوليس موجب جوابدار کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري جوابدار جو 7 ڏينھن جو رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جڏھن تہ عدالت جوابدار کي چئن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس ذريعن موجب جوابدار وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊرائيورنگ لائسنس ناھي، جوابدار جو بيان آھي تہ سندس سڃاڻپ ڪارڊ ٺيھل آھي، جوابدار لاپرواھي، غفلت ۽ تيزرفتاري سان گاڏي ھلائيندي اسڪوٽي تي سوار 2 نارين کي ٽڪر ھنيو.
پوليس موجب جوابدار جو چوڻ آھي تہ واقعي وقت ھو سنيپ چيٽ تي ويڊيو ٺاھي رھيو ھو، جوابدار واقعي کانپوءِ فوري بعد موبائل فون اڇلائي ڇڏيو……..