ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اپوزيشن ميمبرن گيس جي کوٽ، حيدرآباد جي اسٽيڊيم جي مرمت ۽ بحالي ۽ عورتن کي هُنرمندي جي تربيت ڏيڻ بابت ٺھراءُ پيش ڪيا ويا، جن کي حڪومتي ميمبرن بہ حمايت ڪئي.
ايم ڪيو ايم جي عامر صديقي چيو تہ صوبو پاڻ گيس پيدا ڪري ٿو، پر گهرن ۾ چُلها بہ بند پيا آهن، گيس تي مڪمل حق سنڌ جو آهي.
پيپلزپارٽي جي ميمبرن بہ موقف ڏنو تہ سنڌ گيس پيدا ڪندڙ وڏو صوبو آهي، پر ان باوجود گيس نٿي ملي، تنهن ڪري وفاق آڏو هي معاملو فوري طور اٿارڻ گهرجي۔
شرجيل ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ ٻڌايو تہ نياز اسٽيڊيم جي بحالي لاءِ پي سي بي چيئرمين سان ڳالهايو آهي ۽ اميد آهي تہ مسئلو جلد حل ٿي ويندو.
آخر ۾ سنڌ اسيمبلي گيس لوڊشيڊنگ جي خاتمي، عورتن جي تربيت ڏيڻ ۽ نياز اسٽيڊيم جي بحالي بابت پيش ڪيل ٺهرائن کي منظور ڪري ورتو.
جماعت اسلامي جي محمد فاروق جو اي-چالان بابت پيش ڪيل ٺهراءِ رد ڪيو ويو، جڏھن تہ لياقت علي خان جي ورسي تي عام موڪل ڏيڻ بابت ترميمي ٺهراءِ ايندڙ هفتي پيش ڪيو ويندو.