اقليتن بابت بل کي غلط رنگ ڏنو ويو، جيڪو افسوس جوڳو آھي: اسحاق ڊار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي تہ اقليتن بابت قانونسازي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو تہ مذهبي ٽچ جي ڳالهہ کي تحريڪ انصاف باني جي آزادي تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪنهن قانون ۾ بهتري آڻڻي آهي تہ گڏجي ويهي ڳالهيون ڪيون وڃن، قانون کي تڪراري بڻائڻ افسوس جوڳي ڳالهہ آهي

اسحاق ڊار چيو تہ نبي ڪريم صلعم تي سندن جان، مال ۽ اولاد بہ قربان آهي، اهڙي حساس معاملي تي سياست ۾ پوڻ درست نہ آهي

سندس چوڻ هو تہ جڏھن قانون صدر وٽ ويو تہ هن ڪجهہ تجويزون پيش ڪيون، حڪومتون اچڻيون وڃڻيون آهن، ڪنهن جي وراثت ناهن

نائب وزيراعظم چيو تہ اقليتن بابت قانونسازي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، مذهبي ٽچ جي ڳالهہ کي تحريڪ انصاف باني جي آزادي تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اسحاق ڊار چيو تہ ڪنهن قانون ۾ بهتري آڻڻي آهي تہ گڏجي ويهي ڳالهيون ڪيون وڃن، قانون کي تڪراري بڻائڻ افسوس جوڳي ڳالهہ آهي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں