ڪراچي: ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب چيو آهي تہ گذريل رات نيپا ويجھو ميل ھول ۾ جيڪو ٻار ڪريو، اھو سيوريج نہ پر برساتي نالو آھي، ڏک جي گهڙي ۾ ٻآرڙي جي وارثن سان گڏ آھيون، معاملي کي سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وھاب چيو تہ کيس ٻار جي ماءُ ۽ پيءُ جي تڙپ جو احساس آھي ۽ پوئنرن سان افسوس جو اظھار ڪيان ٿو، متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، پر معاملي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
هن چيو تہ 500 ميٽر حصي کي کوٽي چڪا آهيون، نينگر جي ڳولا جو ڪم جاري آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ حاصل ڪري رھيا آھيون تہ معاملو ڇا آهي، ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي تہ ڪنهن مشينري کان روڪيو، جيڪڏھن ايئن آهي تہ قانوني ڪارروائي ڪنداسين ۽ جيڪڏھن عملي جي ڪوتاهي ثابت ٿي تہ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندو.
مرتضيٰ وھاب چيو تہ گذريل هڪ سال دوران 88 هزار مين هول ڪور لڳايا ويا آهن، واٽر ڪارپوريشن 55 سيڪڙو ڍڪڻ يوسي چيئرمينز کي ڏنا آھن، انڪوائري ڪرائيندس تہ شهر جي وچ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ اسپتال جي ڀرسان مين هول ڪيئن کليل هو، مين هول ڪيترن ئي ڏينهن کان کليل هو يا کوليو ويو هو، اهو چيڪ ڪيو ويندو.
ميئر ڪراچي چيو تہ ڪالهه رات پيش آيل واقعي کي سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تنقيد ڪندڙ ماڻهو ان کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪندا، واٽر ڪارپوريشن کي ڪا شڪايت نہ ملي هئي.
هن چيو تہ هو متاثر خاندان ۽ والدين سان گڏ آهي، مان حڪومت جو حصو آهيان، اهڙي قسم جي چڙڏياريندڙ ڳالھ ٻولھ سان مسئلا حل ناھن ٿي سگھندا، برساتي نالي تي ٽائون ۽ ڪي ايم سي ٻئي ڪم ڪندا آهن، معاملي جي هر رخ جي مڪمل جاچ ڪنداسين.
مرتضيٰ وڌيڪ چيو تہ ان علائقي جو ٽائون چيئرمين جماعت اسلامي جو آهي، جيڪڏھن مان چوان تہ ذميواري جماعت اسلامي جي آهي تہ ماڻهو ڪاوڙجي ويندا، منافقت کي ظاهر ڪرڻ کان پوئتي نہ ھٽنداسين…..