ججز کي قانون جي حڪمراني لاءِ بيھڻ گھرجي: جسٽس جمال مندوخيل

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل ججز کي ذاتي مفادن کان مٿانھون ٿي آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آھي تہ ججز کي قانون جي حڪمراني لاءِ بيھڻ گھرجي.

فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل چيو تہ ججز کي قانون جي حڪمراني لاءِ بيھڻ گھرجي ۽ ذاتي مفادن کان ھٽي ڪري ججز کي فيصلا قانون موجب ڪرڻ گھرجن.

ھن چيو تہ ججز کي ڪنھن جي دٻاءُ ۾ اچي فيصلا نہ ڪرڻ گھرجن، ججز کي ھميشہ آئين کي مٿانھون قرار ڏيڻ گھرجي.

جسٽس جمال مندوخيل چيو تہ ججز کي پنھنجي سموريون توانائيون فريادين کي انصاف جي فراھمي لاءِ  وقف ڪرڻ گھرجي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں