اسلام آباد: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آھي تہ پاڪستان ھميشہ افغان عوام جي بھتري، ترقي ۽ خوشحالي جي حمايت ڪئي آھي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ گذريل 10 کان 12 ڏينھن تائين انتھائي مصروف ۽ ڪامياب رھيا، ان دوران ماسڪو، بحرين، برسلز جا اھم دورا ڪيا، مختلف اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪيون.
ھن چيو تہ روسي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير سان ٿيل ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، غزا جي صورتحال ۽ خطي جي معاملن تي ڳالھيون ٿيون
اسحاق ڊار موجب ٽن ملڪن جي موجودگي ۾ ريل ڪنيڪٽيويٽي جي معاھدي تي صحيح ٿي، جيڪو خطي ۾ رابطن کي ھٿي وٺرائڻ جو اھم قدم آھي.
افغانستان جي حوالي سان اسحاق ڊار چيو تہ پاڪستان ھميشہ افغان عوا م جي بھتري، ترقي ۽ خوشحالي جي حمايت ڪئي آھي،پر افغانستان پاران دھشتگردي جي خاتمي بابت واعدا پورا ناھن ڪيا ويا.
ھن چيو تہ افغانستان کي واضح طور تي چيو تہ ان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نہ ٿئي، ڇو تہ دھشتگردي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ناھي، پاڪستان دھشتگردي خلاف بي پناھ قربانيون ڏنيون آھن ۽ پابندي مڙھيل تنظيم ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي جو مطالبو بہ ڪيو آھي…..