ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آھي تہ سڀاڻي پ پ جي بنياد واري ڏينھن کي 58 سال مڪمل ٿي رھيا آھن، اُن موقعي تي پيپلز پارٽي پاران پوري ملڪ ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن
ھن چيو تہ يوم تاسيس جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پاران تقريبون منعقد ڪيون وينديون ۽ ڪيڪ ڪاٽيا ويندا، مرڪزي تقريب کي پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو، سڄي ملڪ ۾ مختلف ھنڌن تي ڊجيٽل اسڪرينون لڳايون وينديون ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب سڌي ريت نشر ڪيو ويندو تہ جيئن عوام پارٽي جي 58 ورھين جي جدوجھد ۽ خدمتن بابت سڌي ريت ڏسي سگھن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ھن چيو تہ پيپلز پارٽي ملڪ جي لاءِ جيڪي قربانيون، ڪارناما ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون آھن، اُنھن جو مثال سڄي دُنيا ۾ نہ ٿو ملي، پوري دُنيا مڃي ٿي تہ پاڪستان جي ايٽمي طاقت جي بنياد قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو، جنھن پنھنجي جان جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو، ملڪ کي پھريون متفقہ آئين ڏنو، قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارن جو قيام سندس دور ۾ عمل ۾ آيو.
ھن چيو تہ شھيد بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالوجي ڏني ۽ عورتن جي سگھاري آواز بڻي، جڏھن تہ صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بہ ملڪ لاءِ واضح خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس چوڻ ھو تہ بلاول ڀٽو زرداري پرڏيھي وزير جي حيثيت ۾ ڀارت ۾ ڪشمير جو مقدمو جرئت سان پيش ڪيو، توڙي جو سندس سر جي قيمت مقرر ڪئي وئي پر تنھن ھوندي بہ ھُو پوئتي نہ ھٽيو.
ھن چيو تہ پيپلز پارٽي سدائين جمھوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون، جيل ڪاٽيا، جانين جا نذرانا پيش ڪيا، پيپلز پارٽي ڪڏھن بہ پنھنجو موقف تبديل نہ ڪيو، دھشتگردي جو مقابلو ڪيو، ڦاھي جي ڦندي کي قبول ڪيو. 58 سالن ۾ سازشون ٿيون، ميڊيا ٽرائل بہ ڪيا ويا، پرپيپلز پارٽي جي جدوجھد سدائين ملڪ ۽ عوام لاءِ رھي.
ھن وڌيڪ چيو تہ دُنيا ۾ ڪا بہ سياسي پارٽي 21 لک گھر تعمير نہ پئي ڪري، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي لاءِ 21 لک گھر تيار ڪري رھي آھي ۽ عورتن کي مالڪاڻا حق ڏئي رھي آھي، سندس چوڻ ھو تہ ٿرڪول سان ملڪ ۾ سڀني کان سستي بجلي فراھم ڪئي پئي وڃي، ماھر بہ ان ڳالھہ کي مڃين ٿا تہ پاڪستان ۾ سڀني کان سستي بجلي ڪوئلي مان ئي پيد اٿي سگھي ٿي.
ھن چيو تہ پاڪستان ڀارت جا جھاز ڪيرايا، ڀارتي پائليٽ کي چانھ پيئاري واپس موڪليو، ھن چيو تہ ڀارت پاڻ کي سُپر پاور سڏرائيندو آھي، پر پاڪستان کيس فيصلائتو جواب ڏنو، جنھن کان پوءِ ڀارت سڄي دُنيا ۾ خوار ٿيو، ھن چيو تہ پاڪستان دھشتگردي خلاف جنگيون بہ وڙھي رھيو آھي ۽ ڪيترن ئي للڪارن کي منھن ڏئي رھيو آھي، پر اسان جي فورسز سدائين ڀارت کي شڪست ڏني آھي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تہ عظميٰ بخاري کي گذارش ڪندس تہ جنھن طريقي سان اوھان اقتدار ۾ آيا آھيو اھو اوھان کي قبول پوي، چيئرمين بلاول ڀٽو ان انداز سان ڪڏھن بہ اقتدار ۾ نہ ايندو. چيئرمين بلاول ڀٽو عوام جي حمايت ۽ عوام جي مينڊيٽ سان وزير اعظم ٿيندو، اوھان وانگر اقتدار ۾ نہ ايندو.
ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تہ گورنر جي تبديلي وفاقي حڪومت جو اختيار آھي، اُن لاءِ اھو چوڻ مشڪل آھي تہ ڪنھن جي شيرواني تيار ٿي رھي آھي.
ھن چيو تہ پي ٽي آءِ جي باني کي جيل ۾ سموريون سھولتون مليل آھن، مٿس ڪو بہ تشدد نہ پيو ٿئي، پر ھُو جيل ۾ بہ ملڪ خلاف سازشون ڪري رھيو آھي ۽ دشمن قوتن کان مدد گھري رھيو آھي
شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ پاڪستان پنھنجا ڪيترائي ھيروز شھيد ڪرايا آھن، جن ۾ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بہ شامل ھو، جيڪو قوم جو قيمتي اثاثو ھو، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي مشورو ڏيندس تھ عدالتن ۾ قانون جنگگ وڙھن ۽ ملڪي ادارن کي تڪراري نھ بڻائن.
ڪراچي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي ھن چيو تھ ملڪ ۾ ھڪ وقت اھڙو بھ ھو جڏھن ڪراچي دُبئي کان گھڻو اڳتي ھو، پر پوءِ شھ رکي رٿابندي سان الطاف حسين نالي شخص جي حوالي ڪيو ويو، جنھن سان ھتي ھيروئن ڪلچر، ڀتا ڪلچر ۽ ٻوري بند لاشن جو دور آيو، ھاڻي ڪراچي ۾ سموريون سھولتون ميسر آھن، شھر مان ڪچرو کنيو پيو وڃي ۽ پاڻي جي رٿائن تي ڪم جاري آھي….