وزيراعظم پگھاردار طبقي تي ٽيڪس جي شرح گھٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو آهي تہ وزيراعظم شهباز شريف پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل جي سيمينار ۾ خطاب ڪندي ايف بي آر چئيرمين راشد محمود لنگڙيال چيو تہ وزيراعظم جي هدايت تي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس رعايت جي لاءِ باضابطا ڪم شروع ٿي چڪو آهي.

هن چيو تہ وزيراعظم وڏي ڪمپنين تي لاڳو سپر ٽيڪس ۾ بہ گهٽتائي جي هدايت ڪئي آهي، جنهن تي عملدرآمد لاءِ سرڪاري سطح تي مشاورت شروع ٿي چڪي آهي.

سندس چون هو تہ وفاقي حڪومت ايندڙ مرحلن ۾ وڏي ڪمپنين ۽ ڪاروبار تي سپر ٽيڪس کي مرحليوار گهٽائڻ ۽ آخرڪار ختم ڪرڻ تي راضي آهي.

هن جو چوڻ هو تہ سپر ٽيڪس ۾ امڪاني گهٽتائي ۽ ختم ڪرڻ بابت آءِ ايم ايف سان بہ ڳالهہ ٻولهہ ڪئي ويندي ۽ سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں