راولپنڊي: امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڊيالا جيل جي ڀرپاسي سيڪيورٽي ھاءِ الرٽ ڪئي وئي آھي .
پوليس ذريعن موجب اڊيالا جيل جي ڀرپاسي اضافي سيڪيورٽي لاءِ خصوصي سيڪيورٽي پلان جاري ڪيو ويو آھي، اضافي سيڪيورٽي پلان اڻڄاتل مدي تائين لاڳو رھندو.
پوليس ذريعن جو چوڻ آھي تہ اڊيالا جيل روڊ تي 5 اضافي پڪٽس قائم ڪيون ويون آھن، داھگل ناڪہ، گيٽ ون، گيٽ 5، فيڪٽري ناڪہ ۽ گورک پور تي اضافي نفري تعينات رھندي.
پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جي ڊيويٽي 12-12 ڪلاڪ جي ٻن شفٽن ۾ ورھائي وئي آھي، 12 ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ۽ عورت پوليس اھلڪار بہ مقرر ھونديون.
مجموعي طور تي اڊيالا جيل جي ٻاھرين سيڪيورٽي تي 70تي کان وڌيڪ اھلڪار ۽ آفيسر مقرر رھندا، سيڪيورٽي تي مقرر اھلڪار اينٽي رائٽ سامان سان ليس ھوندا.
پوليس ذريعن موجب اڊيالا گارڊز جي نفري کي اسٽينڊ باءِ رکيو ويندو، ڊيوٽي جي سڌي ريت نگراني ايس پي صدر انعم شير ڪندو.
ياد رھي تہ ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات نہ ڪرائڻ تي پارليامانيٽ جي ڪارروائي نہ ھلڻ ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ اڱاري تي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ٻاھران احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.