وفاقي آئيني عدالت صحافي ارشد شريف قتل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت صحافي ارشد شريف قتل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو آھي.

صحافي ارشد شرف قتل جي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس روزي خان تي ٻڌل 2 رڪني بينچ 3 ڊسمبر تي ڪندي.

سپريم ڪورٽ صحافي ارشد شريف قتل تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ھو، 27 ھين ترميم بعد پاڻمرادو نوٽيس ڪيس آئيني عدالت ڏانن منتقل ٿي چڪا آھن.

وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

جسٽس امين الدين خان جي سربراھي ۾ 3 رڪني بينچ سومر کان سپر ٽيڪس بابت ڪيدس جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس ارشد حسين ۽ جسٽس حسن اظھر رضوي بينچ ۾ شامل آھن، آئيني عدالت جي بينچ نمبر ھڪ پھرين ڊسمبر کان 5 ڊسمبر تائين سپر ٽيڪس بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي.

ايندڙ ھفتي ٽي بينچز ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ھونديون

چيـف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽي رُڪني بئنچ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس روزي خان تي ٻڌل ٻه رُڪني بئنچ پڻ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي، جڏهن⁠ تہ جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ڪريم خان آغا تي ٻڌل بئنچ نمبر ٽي ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي.

سپريم ڪورٽ ۾ 18 ڊسمبر 2025 کان 31 ڊسمبر 2025 تائين موڪلون هونديون، سپريم ڪورٽ پھرين جنوري 2026 تي تي کلندي، موڪلن دوران عدالت جون آفيسون کليل رهنديون، جڏهن ⁠تہ موڪلن جي ڏينهن ۾ ارجنٽ ۽ ٻين مقرر ڪيل ڪيسن جي ٻڌڻيون جاري رهنديون…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں