اسلام آباد :اطلاعات واري وفاقي وزير عطا اللھ تارڙ چيو آھي تہ پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ پاڪستان دشمن ميڊيا تي عمران بابت گھٽيا مھم ھلرائي.
سماجن رابطن واري ويب سائيٽ (ايڪس) تي بيان ۾ عطا اللھ تارڙ چيو تہ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ خاص ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي اھڙي سياسي طرز عمل تي ھلي رھيو آھي جنھن ۾ صوبي جي عوام کي گورننس ڏيڻ وارو معاملو پٺ تي ھليو ويو آھي.
ھن چيو تہ سھيل آفريدي جو پورو ڌيان ھڪ غيرقانوني مطالبي تي آھي، ڪرپشن جي ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ سزا ڪاٽيندڙ باني کان سياسي رھمنائي ورتي پئي وڃي، جيڪو جيل رولز جي خلاف آھي.
عطاالله تارڙ پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو تہ ڪي پي ۾ دھشتگردي وڌي وئي آھي پر سھيل آفريدي جي سياست اسلام آباد ۾ ھڪ غيرقانوني بيانئي تي گھمي ٿي، تحريڪ انصاف ملڪ دشمن بيانئي کي ھٿي وٺرائڻ بدران رياست ۽ عوام کي مقدم رکي.
وفاقي وزير جو چوڻ ھو تہ مبيناطور تي تحريڪ انصاف جي ھڪ عورت سياستدان انتھائي ناڪاري حڪمت عملي تحت افغانستان مان ھلندڙ پاڪستان دشمن اڪائونٽس ۽ ڀارتي ميڊيا تي خان صاحب بابت ھڪ گھٽيا مھن ھلرائي پوري دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ھن چيو تہ ھي طرز عمل کليل ملڪ دشمني آھي، ڇو تہ سان ملڪ جي ساک نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تحريڪ انصاف کي گھرجي تہ ملڪ دشمن بيانئي ۽ غلط ترجيحن کان ھٽي ڪري رياست ۽ عوام جي مفاد کي مٿانھون رکي…..