عوام لاءِ خوشي جي خبر، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: عوام لاءِ خوشي جي خبر آھي تہ ايندڙ مھيني پيٽروليم شين جي اگھن ۾ لاٿ جو امڪان آھي.

پھرين ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 6 رپيا 35 پئسا في ليٽر جي حساب سان لاٿ جو امڪان آھي، ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 76 پئسا في ليٽر جڏھن تہ ھاءِ اسيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 10 پئسا في ليٽر گھٽتائي جو امڪان آھي.

اھڙي طرح مٽي جي تيل جي قيمت ۾ 73 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 35 پئسا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ آئل انڊسٽري قيمتن ۾ تجويز ڪيل ڦير ڦار جي حوالي سان پنھنجي ورڪنگ مڪمل ڪري سمري اوگرا ڏانھن موڪلي ڇڏي آھي، جنھن بعد اوگرا سفارشن جي بنياد تي قيمتن ۾ ڦير ڦار جي سمري تيار ڪندو، ھي سمري سڀاڻي ناڻي واري وزارت ڏانھن اماڻي ويندي.

ناڻي واري وزارت پاران پھرين ڊسمبر کان لاڳو ٿيندڙ پيٽروليم شين جي نين قيمتن جو اعلان 30 ڊسمبر تي ڪيو ويندو ، جيڪي قيمتون 15 ڏينھن تائين برقرار رھنديون، ذريعن موجب ناڻي واري وزارت قيمت جي اعلان کان اڳ وزيراعظم سان مشاورت بہ ڪندي………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں