آمريڪا ۾ فائرنگ ۽ تاجڪستان ۾ ڊرون حملي جو ذميوار افغانستان آھي: پرڏيھي ترجمان

فہرستِ مضامین

پرڏيھي کاتي چيو آھي تہ آمريڪا ۾ فائرنگ جو واقعو عالمي سطح تي دهشتگردي جي واپسيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، تاجڪستان ۾ ٽن چيني شهرين جي قتل جو ذميوار افغانستان آهي، افغانستان کي پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي روڪڻي پوندي.

هفتي وار پريس بريفنگ ۾ پرڏيھي ترجمان چيو تہ آمريڪا ۾ فائرنگ جو واقعو افسوسناڪ آهي، پاڪستان هن واقعي جي مذمت ڪري ٿو

پرڏيھي ترجمان چيو تہ واشنگٽن واقعو عالمي سطح تي دهشتگردي جي واپسيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، عالمي برادري افغان دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي ۽ ماريل فوجي اھلڪارن جي گھرڀاتين سان ھمدردي جو اظھار يون ٿا.

پرڏيھي ترجمان تاجڪستان ۾ ڊرون حملي دوران ٽن چيني شهرين جي قتل تي پڻ افسوس جو ڪندي چيو تہ افغانستان کي پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي روڪڻي پوندي.

پرڏيھي ترجمان سنڌ بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي بيان جي مذمت ڪئي ۽ چيو تہ ڀارتي وزير جي بيان کي رد ڪيون ٿا، ڀارتي وزير جو ب يان سرحدن جي عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آھي، پاڪستان مسئلن جي پرامن حل جو حامي آهي ۽ پنهنجي دفاع تي ڪڏهن بہ سوديبازي نہ ڪندو.

ترجمان چيو تہ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پاڪستان ايران گيس پائيپ لائن بابت مشاورت جاري آهي، پاڪستان ۽ ايران گڏجي گيس پائپ لائن جو حل ڪڍندا…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں