خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي وفاقي حڪومت تي 5300 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام لڳايو آھي.
پشاور جي انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سھيل آفريدي چيو تہ ھي عوام جو پيسو آھي، جنھن سان پرڏيھ ۾ فليٽ ۽ ٻيٽ خريد ڪيا پيا وڃن.
ھن چيو تہ ايندڙ مھيني اين ايف سي اجلاس ۾ صوبن کي نہ ملندڙ فنڊز جو مامرو اٿارينداسين.
سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ فاٽا جَي ضم ٿيڻ بعد اين ايف سي ۾ ڪي پي جو حصو 19 سيڪڙو ٺھي ٿو، يونيورسٽي ۾ ان حوالي سان ھر مھيني سينيمار ٿيڻ گھرجن.
ٻئي پاسي سھيل آفريدي جي صدارت ھيٺ پشاور ۾ پارليامينٽرينز جو اجلاس بہ ٿيو، جنھن ۾ شھر جي ترقي لاءِ 100 ارب رپين جي منصوبن تي گڏيل اجلاس گھرائڻ جو اعلان ڪيو ويو.