خيبرپختونخوا جي ضلعي ھنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دھشتگردن جي حملي ۾ 3 پوليس اھلڪار شھيد ٿيا آھن
ڊي پي او خان زيب موجب دھشتگردي قاضي تالاب چيڪ پوسٽ تي ويجھي پھاڙ کان حملو ڪيو
ڊي پي او موجب پوليس جوانن بھادري سان مقابلو ڪيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 جوان شھيد ٿيا، شھيدن ۾ اھلڪار وحيد شاھ، عبدالصمد ۽ حڪمت شاھ شامل آھن.
ڊي پي او موجب پوليس جي نفري علائقي ۾ موجود آھي، دھشتگردن جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي.
ڪي پي وي وڏي وزير سھيل آفريدي حملي جي مذمت ڪندي فوري طور واقعي واري ھنڌ اضافي نفري موڪلڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
سھيل آفريدي جو چوڻ آھي تہ دھشتگردن جو بہ مذھب ناھي ھوندو، بزدلاڻا حملا سندن حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگھن .
سھيل آفريدي موجب شھيدن جو خون رائيگان نہ ويندو، دھشتگردن کي انجام تائين پھچايو ويندو…..