شيخ حسينہ واجد جي بينڪ لاڪرز مان لکين ڊالر جي ماليت جو سون ضبط

فہرستِ مضامین

ڍاڪا : بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينہ واجد جي بينڪ لاڪرز مان 10 ڪلو گرام سون ضبط ڪيو ويو.

پرڏيھي ميڊيا موجب  بنگلاديش جي نيشنل بورڊ آف روينيو جي عملدارن ٻڌايو تہ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينہ واجد جي نالي سان رجسٽرڊ ٻن بينڪ لارڪز مان 10 ڪلو گرام سون ضبط ڪيو ويو، جنھن جي ماليت تقريبن 13 لک آمريڪي ڊالر آھي.

بنگلاديشي اختيارن موجب شيخ حسينہ واجد اقتدار دوران حاصل ڪيل تحفن مان ڪجھ رياستي خزاني ۾ جمع نہ ڪرايا ھئا ۽ شيخ حسينہ واجد جا لاڪرز سيپٽمبر ۾ ضبط ڪيا ويا ھئا.

ياد رھي تہ گذريل سال بنگلاديش ۾ پرُ تشدد مظاهرن کانپوءِ وزيراعظم حسينہ واجد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿي وئي هئي………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں