اسلام آباد ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي اعزاز ۾ جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽرز ۾ شاندار الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي۔
ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستي رٽائرڊ ٿيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو۔
آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ اڳوڻن چيئرمينز جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سميت ٽنهي ھٿياربند فوجن جي سينيئر آفيسر بہ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو تہ جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ فوج ۾ 40 سالن تائين شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون۔
تقريب کي خطاب ڪندي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو تہ الله تعالی پيشوراڻي مهارت ۽ سچي نيت سان فرض ادا ڪرڻ جي توفيق عطا ڪئي۔
جنرل ساحر شمشاد مرزا وطن جي دفاع ۾ پاڪ فوج جي لازوال قربانين کي زبردست ڀيٽا ڪئي ۽ فوجن شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي بہ خراج عقيدت پيش ڪيو .
سندس چوڻ هو تہ مضبوط قومي دفاع، قومي سلامتي جو بنيادي ٿنڀ آهي، ملڪ جو دفاع ناقابلِ شڪست آهي، بهادر آفيسر ۽ جوان وطن جي دفاع کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ هر وقت تيار آهن۔…