لاھور: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آھي تہ پي ٽي آءِ باني اڪيلو جوابدار ناھي، ان کي آڻڻ وارا بہ برابر جا شريڪ آھن، اسان عوامي خدمت جو رڪارڊ قائم ڪيو، پاڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو.
لاهور ۾ نواز شريف ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اسيمبلي ميمبرن کي خطاب دوران واڌايون ڏيندي چيو تہ اللھ جي ڪرم سان ڪوڙ، گارين، بدتميزي، بدتھذيبي ۽ فتني کي شڪست ملي.
نواز شريف چيو تہ عوام ڪارڪردگي جي بنياد تي کين ووٽ ڏنو آھي، اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ وارا پاڻ حصو وٺڻ باوجود هارجي ويا.
نواز شريف تنقيد ڪندي چيو تہ گذريل حڪومتي دور ۾ ھڪ بہ ترقياتي منصوبو شروع نہ ڪيو ويو، ملڪ ۾ رڳو تباھي آئي، بدتهذيبي جو ڪلچر عام ڪيو ويو، پرڏيهي معاملن ۾ ناڪامي ۽ ميرٽ کي نقصان پهچايو ويو، جيڪڏھن ترقي جي رفتار جاري ھجي ھا تہ اڄ دنيا ۾ پاڪستان جو ھڪ مقام ھجي ھا.
نواز شريف وڌيڪ چيو تہ مسلم ليگ ن هر دور ۾ ملڪ جي ترقي لاءِ منصوبا شروع ڪيا، اڄ ميرٽ آھي، ھر کاتو ڪم ڪري رھيو آھي، حڪومتي قدمن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي، پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچايو ويو، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت ڏينھن رات محنت ڪري رھي آھي.
وزيراعظم نواز شريف چيو آهي تہ هاڻي سڀ شيون بحال ڪرڻ جي ڪوششون جاري آهن، گذريل ڊيڍ سال ۾ عوامي خدمت جو مضبوط رڪارڊ قائم ڪيو آهي ۽ پاڪستان کي ڏيوالي جو شڪار ٿيڻ کان بچايو.
نواز شريف چيو تہ پي ٽي آءِ باني اڪيلو جوابدار ناھي، ان کي آڻڻ وارا بہ برابر جا شريڪ آھن، ٻين کي چور چوندڙ پاڻ چور ثابت ٿيو…..