سنڌ نوڪرين آن لائن ڪندڙ پھريون صوبو بڻجي ويو، وڏي وزير پاران جاب پورٽل جو افتتاح

فہرستِ مضامین

ڪراچي : سنڌ نوڪرين کي آن لائن ڪندڙ پھريون صوبو بڻجي ويو آھي، وڏي وزير مراد علي شاھ جاب پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ جاب پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو تہ سمورا کاتا پنھنجي نوڪرين جا تفصيل جاب پورٽل تي اپلوڊ ڪندا.

وڏي وزير چيو تہ جاب پورٽل تي سمورا کاتا پنھنجي نوڪرين جا تفصيل اپلوڊ ڪندا، اميدوار آن لائن فارم ڀريندا، انٽرويو ڪال ۽ امتحان بہ آن لائين ٿيندو.

وڏي وزير ڳالھائيندي چيو تہ شروعاتي طور تي ھڪ کان 15 گريڊ تائين جو نوڪريون جاب پورٽل تي ھونديون.

جاب پورٽل جي شروعات سڀ کان وڌيڪ اھم قدم آھي، روزگار جي حاصلات کي بھتر ۽ آسان بڻائڻو آھي.

ھن چيو تہ اھڙو سسٽم ٺاھڻو ھو جيڪو شفاف بہ ھجي ۽ آسان بہ ھجي، جيئن ماڻھو آساني سان اپلائي ڪري سگھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں