سنڌ حڪومت فنڊز نہ ڏنا؟ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو سموري سنڌ ۾ نوان اسڪول کولڻ وارو پروگرام ڪينسل

فہرستِ مضامین

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سموري سنڌ ۾ نوان اسڪول کولڻ وارو  پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ نوان اسڪول کولڻ وارو  پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو.جون 2025 ۾ سيف نوان اسڪول کولڻ لاءِ درخواستون گهرايون هيون، جنهن تحت هزارين ماڻهن اپلائي ڪيو هو.فائونڊيشن اپلائي ڪندڙ اسڪول مالڪن کي پي آرڊر واپس ڪرڻ جو اشتهار جاري ڪيو آهي

درخواستون جمع ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن فنڊز لاءِ وڏي وزير مراد علي شاھ ڏانهن سمري اماڻي هئي پر وڏي وزير فنڊز جاري ڪرڻ واري سمري رد ڪري ڇڏي هئي.

فنڊز نه ملڻ سبب سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اسڪول مالڪن کي پي آرڊر واپس ڪرڻ لاءِ اشتهار جاري ڪري ڇڏيو آهي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں