لمس جي ھاسٽل مان ٺل واسي ميڊيڪل جي شاگرد جو گولي لڳل لاش ھٿ،” منھنجي جسم جي باقيات ڪڍي ٻوٽا لڳائجو“، پسٽل ڪمري ۾ ڪيئن آيو؟ اھو اھم سوال آھي: ايس ايس پي

فہرستِ مضامین

ڄامشورو(رپورٽ: سرفراز ڪوريجو) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي چوٿين سال جي شاگرد عبداللھ سومرو جو ھاسٽل جي ڪمري مان لاش ملڻ واري واقعي ۾ پوليس مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڏني آھي، شاگرد جي وارثن قتل جو شڪ ظاھر ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

پوليس موجب گذريل رات ٺل واسي شاگرد عبداللہ سومرو جو ھوسٽل جي ڪمري مان گولي لڳل لاش مليو ھو، ميڊيڪل جي شاگرد جي ڪمري مان پسٽل بہ مليو ھو.

ايس ايس پي ڄامشوروظفر صديق ڇانگا واقعي واري ھنڌ پھچي معائنو ڪيو آھي، ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي ايس ايس پي ٻڌايو تہ گذريل رات ساڍي ٻارھين وڳي شاگرد جو ھوسٽل جي ڪمري مان لاش مليو.

واقعي جو پتو پوندي ئي ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي کي فوري طور ھاسٽل پھچي واقعي واري ھنڌ جو معائنو ڪري شاھديون گڏ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي.

ايس ايس پي موجب پوليس عملدارن کي ھدايت ڪئي ھئي تہ ڪرائيم سين تان  اھم شاھديون گڏ ڪيون وڃن، معائنو ڪيو وڃي، ھر رخ کان جائزو ورتو وڃي.

شاگرد جي ڪمري ۾ پسٽل ڪيئن ويو، اھو اھم سوال آھي

پوليس ٽيم شاگرد عبداللہ سومرو جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، شاھديون گڏ ڪيون، پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي، اکين ڏٺن شاھدن (روم ۾ سڀ کان پھريان داخل ٿيندڙ) کان انٽرويوز  ڪيا آھن، اُنھن موجب ڪمرو اندران بند ھو،فائر جو آواز آيو،چئن کان پنجن منٽن اندر ڪمري جو در ٽوڙي اندر داخل ٿياسين.

عبداللہ کي روم 35 الاٽ ٿيل ھو، لاش 144 مان مليو: والد

نوجوان جي والد حاجي خان سومرو آپگھات جي تاثر کي غلط قرار ڏيندي چيو تہ سندس پٽ بھادر ھو، خودڪشي نٿو ڪري سگھي، شڪ آھي تہ کيس قتل ڪيو ويو آھي، عبداللھ کي روم نمبر 35 الاٽ ٿيل ھو تہ اھو روم نمبر 144 تي ڪيئن پھتو؟

نوجوان عبدالله سومرو جي والد حاجي خان سومرو موجب عبدالله جي دوستن ٻڌايو ته واقعو رات جو ٻارنهن وڳي پيش آيو، انتظاميه هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي، عبدالله سلجهيل ۽ باشعور هو، خودڪشي نه ٿو ڪري سگهي، اسان کي قتل جو شڪ آهي، جنهن جي گھڻ رخي جاچ ٿيڻ گهرجي.

شاگرد جي والد موجب سنڌ جي مادر علمين  مان اسان جي نوجوانن جا لاش ملڻ وارو سلسلو بند نه ٿيوآهي، سنڌ حڪومت معاملي جو نوٽيس وٺي  ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.

شاگرد جي ڪمري ۾ پسٽل ڪيئن آيو؟

ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر سرفراز ڪوريجو ايس ايس پي ڄامشورو کان سوال ڪيو تہ اِھا جاچ ڪئي اٿئو تہ شاگرد جي ڪمري مان پسٽل ڪيئن مليو ۽ ڪٿان آيو؟ جنھن تي ايس ايس پي ظفر صديق ڇانگا چيو تہ اِھو ھڪ اھم سوال آھي، پر جنھن وٽ پسٽل ھو، اُھو تہ ھن دنيا ۾ ناھي رھيو، پوليس کي ھاڻ ٻين رُخن سان جاچ ڪرڻي پوندي، کوڙ سارا ٻيا انٽرويز ڪرڻا پوندا، اِھو عمل پوليس ٽيم شروع ڪري ڇڏيو آھي، عبداللہ سومرو جو پوسٽ مارٽم ٿي ويو آھي، اڃا تائين رپورٽ ناھي، في الحال ڪا حتمي راءِ نہ ڏينداسين، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڇا ٿو اچي، اِھا خبر پوَي ۽ جاچ ۾ ڇا ٿو سامھون اچي، اُن کانپوءِ وڌيڪ تفصيل شيئر ڪيا ويندا.

شاگرد جي موت کان اڳ سوشل ميڊيا تي پوسٽ

شاگرد عبداللہ سومرو موت کان اڳ سوشل ميڊيا (فيس بڪ وال) تي ھڪ ذھني دٻاءُ جو شڪار شخص جي تصوير رکي جنھن تي ھُن ڪئپشن لکيو تہ ”مونکي ھن ريت دفنائجو“، منھنجي جسم مان باقيات ڪڍي ٻوٽا پوکجو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں