بلوچستان جي شيراني واري علائقي ۾ فورسز جو آپريسن، 7 دھشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

بلوچستان جي شيراني واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافتہ 7 دھشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ڀارتي پراڪسي فتنہ الخوارج جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو آھي .

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز دھشتگردن جي ٺڪاڻي کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، دھشتگردن وٽان ھٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو برآمد ڪيو ويو آھي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران مارجي ويل دھشتگرد علائقي ۾ ڪيترين وارداتن ۾ ملوث ھئا، ٻين دھشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن بہ جاري آھي.

سڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي سرپرستي ۾ دھشتگردي جي ناسور کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں