اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب جي صحافين الزام ھنيو آھي تہ وفاقي راڄڌاني جي پوليس پريس ڪلب ڪلب ۾ گھڙي صحافين کي ڏنڊا ھنيا ۽ تشدد ڪيو.
صحافين پاران شيئر ڪيل وڊيو ۾ پوليس اهلڪار پريس ڪلب اندر گهڙي ڪشميرين جي احتجاج جي ڪوريج ڪندڙ صحافين کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.
پوليس صحافين کي ڪشميري احتجاج ڪندڙ سمجهي ڏنڊن سان ماريندي پريس ڪلب مان ٻاهر ڪڍيو. صحافي برادري هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي نه رڳو آزادي صحافت تي حملو آهي پر پريس ڪلب جي به توهين آهي.
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي نوٽيس ورتو، آءِ جي کان رپورٽ طلب
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
ان سان گڏ، گهرو معاملن بابت وزير مملڪت طلال چوڌري به صحافين سان ڳالهين لاءِ پريس ڪلب پهچي ويو.