مذھبي معاملن واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوھستاني سان فرانس جي سفير نڪولس گيلي ڪئي آھي، جنھن دوران مذھبي ڀائيچاري ۽ امن کي ھٿي ڏيڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
فرانس جي سفير پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو.
مملڪتي وزير کيئل داس ڪوھستاني چيو تہ پاڪستان جي حڪومت اقليتن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، پنجاب ۽ وفاق ۾ اقليتي ميمبرن کي ڪابينا ۾ نمائندگي ڏني وئي آهي.

ھن چيو تہ قومي ڪميشن براءِ اقليت جي قيام سان اقليتن جي مسئلن جي حل ۾ آساني ٿيندي، پاڪستان ۾ اقليتن جا مذهبي ڏڻ سرڪاري سطح تي ملهايا ويندا آهن.
مملڪتي وزير فرانس جي سفير کي ٻڌايو تہ اقليتن کي پاڪستان ۾ پنهنجي مذهب ۽ رسمن موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي.
فرانس جي سفير چيو ته هو اقليتن جي بهتري لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ پاڪستان ۾ مذهبي سياحت کي ھٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن.
ملاقات دوران مملڪتي وزير کيئل داس ڪوھستاني ۽ فرانسيسي سفير وچ ۾ مذھبي ورثن ۽ اُنھن جَي تحفظ توڙي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.