خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان اڊياله جيل ۾ ملاقات بعد هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن الزام هنيو ته پي ٽي آءِ کي ورهائڻ ۾ عليمه خان جو بنيادي ڪردار آهي.
وڊيو ۾ علي امين گنڊا پور چيو ته کيس عمران خان سان وڏي عرصي کانپوءِ ملاقات جو موقعو مليو.
هن چيو ته بجيٽ کان اڳ ڪابينا ۾ تبديلي بابت اسد قيصر ۽ شهرام ترڪئي سان مشاورت ٿي هئي ۽ گذريل ڏينهن عمران خان سان به اهو معاملو بحث هيٺ آيو، جنهن بعد اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ صوبا ئي وزيرن عاقب الله خان ۽ فيصل ترڪئي کي اسان جي فيصلن تي اتفاق ڪندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
هن چيو ته هي معاملا معمول جا آهن ۽ ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليون به ٿي سگهن ٿيون.
علي امين گنڊاپور چيو ته گذريل ڪجهه مهينن کان عمران خان جون پنهنجي ڀينرن سان ملاقاتون ٿي رهيون هيون ۽ انهن جي ذريعي ئي هدايتون اچي رهيون هيون.
ھن چيو تہ هن عمران خان کي آگاهه ڪيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ ڇا ٿي گذريو. هن دعويٰ ڪئي ته پارٽي ۾ وڏي پيماني تي ڌڙابندي ٿي چڪي آهي.
علي امين گنڊا پور چيو ته بجيٽ واري معاملي تي هن، صوبا ئي ڪابينا ۽ ايم پي ايز کي غدار قرار ڏئي مهم هلائي وئي.
هن چيو ته هن عمران خان کي ٻڌايو ته ”مائنس عمران خان“ واري مهم جي بنياد تي پارٽي کي ورهائڻ ۾ عليمه خان جو بنيادي ڪردار آهي ۽ انهيءَ سبب پارٽي ۾ مايوسي پکڙجي رهي آهي.
علي امين گنڊا پور جو چوڻ هو ته هن عمران خان کي ٻڌايو ته ڪجهه وي لاگرز پارٽي تي حملا ڪري ان ۾ ورهاست پيدا ڪري رهيا آهن. هن الزام هنيو ته عليمه خان انهن وي لاگرز سان رابطي ۾ آھي ۽ انهن کي روڪڻ بدران حوصلا افزائي ڪري رهي آهي.
وڊيو ۾ علي امين گنڊا پور چيو ته هن عمران خان کي ٻڌايو ته صحافي ۽ انهن جا ويجها مائٽ حفيظ الله نيازي “وزيراعظم عليمه خان” جي عنوان سان مضمون لکي رهيا آهن.
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته پارٽي جو چيئرمين بڻائڻ جي حوالي سان به مهم هلائي پئي وڃي.