سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جو احتجاج جاري، اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ، مريض رلي ويا

فہرستِ مضامین

سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سنڌ ۾ ستين ڏينھن احتجاج ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي آھي، سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن کانسواءِ اسپتالن جي او پي ڊيز جو بہ بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي.

حيدرآباد، قمبر، شھدادڪوٽ، ڪنب، ڊکڻ، راڄوخاناڻي، خانپور مھر ۾ سرڪاري آفيسن  ۽ اسڪولن ۾ تالابندي ڪئي وئي آھي.  

سنڌ ايمپلائيز الائنس جي احتجاج جي سڏ تي  سول اسپتال حيدرآباد، تعلقہ اسپتال، سروسز اسپتال سميت ضلعي جون سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ  ۽ ڪم ڇڏ هڙتال آھي، جنھن سبب  مريض رلي ويا آھن.

 ڄام  صاحب ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن ۾ استادن پاران ھڙتال ڪئي وئي آھي،  ستين ڏينهن بہ گورنمينٽ بوائز هائي سيڪنڊري اسڪول ۾ تالا بندي جاري رهي، جڏهن تہ ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شھدادڪوٽ ۾ بہ سرڪاري ملازمن جو احتجاج جاري آهي، ستين ڏينهن بہ شھر جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي تالابندي برقرار آهي، جڏهن تہ تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ ملازمن پاران او پي ڊي پڻ بند رکي وئي آهي.

ملازم اڳواڻن جو چوڻ آهي تہ پينشن رولز ۾ تبديلي واپس وٺڻ ۽ ڊي آر اي ڏيڻ سميت سمورن مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں