نيويارڪ ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) وزيراعظم شھباز شريف عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) کان مطالبو ڪيو آھي تہ ٻوڏ جي معيشت تي پوندڙ اثرن کي آءِ ايم ايف جي جائزي ۾ شامل ڪيو وڃي.
گڏيل قومن جي جنرل اسميبلي جي 80 ھين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پھتل وزيراعظم شھباز شريف جون مختلف عالمي اڳواڻن سان سائيڊ لائن تي ملاقاتن جو سلسلو جاري آھي.
وزيراعظم عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينيا جارجيوا سان ملاقات ٿي، جنھن دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي ڳالھيون ڪيون ويون.
وزيراعظم پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان پراڻي تعميري ڀائيواري جي واکاڻ ڪندي چيو تہ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽينا جارجيوا جي قيادت ۾ ڀائيواري مضبوط ٿي آھي.
وزيراعظم مختلف قدمن ذريعي آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي وقتائتي حمايت جو اعتراف ڪيو، جنھن ۾ مالي سال 2024 ۾ 3 بلين ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ ان کانپوءِ 7 بلين ڊالرز جي توسيعي فنڊ سھولت ( اي ايف ايف )ھڪ ڏھائي 4 ارب ڊالر ( آر ايس ايف) شامل آھي.
وزيراعظم ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جي سھڪار جي واکاڻ ڪئي، جيڪا حڪومت جي معاشي ڪوششن ۾ رھنمائي ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي.شھباز شريف ان اڳ ڳالھ تي زور ڀريو تہ پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جي تحت مختلف ھدفن ۽ وعدن تي پورو ڪرڻ طرف مسلسل اڳڀرائي ڪري رھيو آھي.
وزيراعظم شھباز شريف ٻوڏ جي معيشت تي پوندڙ اثرن کي آءِ ايم ايف جي جائزي ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو تہ پاڪستان آءِ ايم ايف سان ڪيل وعدا پورا ڪري رھيو آھي.
ڪرسٽالينا جارجيوا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن سان ھمدردي جو اظھار ڪيو، آءِ ايم ايف جي عملدار بحالي جي اثرائتن قدمن لاءِ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي اھميت کي اجاڳر ڪيو.