وڏي وزير سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات، ڪراچي ۾ نئين بندرگاھ جي ضرورت آھي: مراد علي شاھ

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( رپورٽ: شبير لاشاري )  وڏي وزير سيد مراد علي شاهہ سان آمريڪا جي نگران ناظمه الامور نيتالي ايشٽن بيڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال، خوراڪ جي تحفظ، توانائي ۽ سلامتي جي تعاون، ڪيٽي بندر پورٽ منصوبي ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالھيون ٿيون.

ملاقات دوران وڏي وزير ڪيٽي بندر منصوبي جي شروعات ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي ان کي تاريخ جو پهريون قدرتي پورٽ ۽ شهيد محترمہ بينظير ڀٽو جو ويزن قرار ڏنو۔ هن چيو تہ ڪراچي پورٽ تي سخت دٻاءُ آهي ۽ نئين بندرگاه جي فوري ضرورت آهي۔ ان موقعي تي شاھراھ ڀٽو کي سڌو سنئون ڪراچي پورٽ سان ڳنڍڻ جي تجويز تي بہ ڳالهه ٻولهه ٿي تہ جيئن شهر مان ھيوي ٽريفڪ کي هٽائي سگهجي۔

 نيتالي بيڪر اعلان ڪيو تہ آمريڪا جي نمايان ڪمپنين جا اعليٰ عهديدار جلد ڪراچي جو دورو ڪندا تہ جيئن مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڏسي سگهن۔ ان تي وڏي وزير مڪمل سرڪاري سهڪار جي خاطري ڪرائي۔

ملاقات دوران  توانائي ۽ صنعتي تعاون بابت ٿر ۾ ڪوئلي تي ٻڌل منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون جن ۾ ڪوئلي مان گيس، ڀاڻ ۽ ڊيزل ٺاهڻ شامل آهن۔ وڏي وزير مقامي وسيلن جي موثر استعمال تي زور ڏنو۔

ٻوڏ جي انتظام بابت مراد علي شاهه چيو تہ سنڌ سپر فلڊ لاءِ وڏي تياري ڪئي هئي پر هن سال صورتحال گهٽ رھي، هن پنجاب ۾ شديد نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سنڌ جي ڪچي علائقن ۾ چانور جي فصل کي پهتل نقصان کي اجاگر ڪيو۔ ٻنهي ڌرين شروعاتي انتباهي نظام، شهري نيڪال ۽ هنگامي تيارين کي بهتر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو۔

ملاقات ۾ خوراڪ، پاڻي ۽ صفائي لاءِ گڏيل قومن ۽ غير سرڪاري تنظيمن وسيلي 22 لک 50 هزار آمريڪي ڊالر جي امداد ۽ آمريڪي فوج طرفان ٻيڙيون، ٽينٽ، چارپايون ۽ پاڻي جا پمپ ڏيڻ بابت بہ ڳالهه ٻولهه ٿي۔

غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت

غذائي تحفظ بابت وڏي وزير گذريل سال ڪڻڪ جي گهٽ پوک کان پيدا ٿيل مسئلا اجاگر ڪندي ٻڌايو تہ درآمدي ڪڻڪ صوبي کي 40 ڪلو جي حساب سان 3800 رپيا ۾ پئي۔ هن چيو تہ غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، سلامتي جي تعاون بابت بہ ڳالهيون ٿيون۔

مراد علي شاهه 2012 کان انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا پروگرام هيٺ آمريڪي تعاون جي ساراه ڪئي جنهن وسيلي پوليس جي تربيت، سامان، عورت پوليس لاءِ بيرڪس ۽ جيل سڌارن لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي وئي۔

هن ٻڌايو تہ سنڌ جي 22 جيلن کي جديد نظام سان آراستہ ڪيو ويو آهي ۽ حيدرآباد ۾ جيل عملي جي تربيت لاءِ ادارو قائم ڪيو ويو آهي، وڏي وزير آمريڪا پاران 20 ملين ڊالر جي حفاظتي سامان جي فراهمي کي بہ تسليم ڪيو۔

سنڌ حڪومت جي قدمن جي واکاڻ

نيتالي بيڪر انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ سنڌ پوليس جي نمائندگي ڪرڻ تي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ پوليس منيشا روپيتا جي تعريف ڪئي ۽ انتهاپسندي خلاف ۽ عوامي سلامتي لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو۔

نيتالي بيڪر چيو تہ آمريڪي ڪمپنيون  ٻڌڻ جي سگھ کان محروم ٻارن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت لاءِ مدد ۾ دلچسپي رکن ٿيون۔ وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو تہ سنڌ حڪومت اڳ ئي تعليم، تربيت ۽ بحالي جي منصوبن تي ڪم ڪري رھي آهي، آمريڪي ادارن جو تعاون اسان لاءِ انتهائي قيمتي ٿيندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں