ٻوڏ متاثرن جي بي آءِ ايس پي ذريعي مدد نہ ٿي ڪري سگھجي، پنجاب حڪومت بلاول ڀٽو جي تجويز رد ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

لاھور ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) پنجاب حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بينظير انڪم سپورٽ ذريعي مدد واري تجويز رد ڪري ڇڏي آھي، پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آھي تہ ٻوڏ متاثرن جي بي آءِ ايس پي ذريعي مدد نہ ٿي ڪري سگھجي، جيڪي ماڻھو بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ ناھن انھن جي مدد ڪيئن ٿيندي.

لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو تہ سنڌ ۾ پرڏيھي امداد باوجود ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي ناھي ٿي، ڇا اھڙن ماڻھن کان عقل وٺڻ جي ضرورت آھي، جن سنڌ کي آثار قديما بڻائي ڇڏيو آھي؟

ھن چيو تہ پنجاب ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آئي، پنجاب حڪومت پنھنجن وسيلن مان متاثرن جي مدد ڪري پئي، اسان کي پرڏيھي امداد جي ضرورت ئي ناھي.،ھن چيو تہ گذريل ڀيري سنڌ ۾ ٻوڏ آئي، ڇا ان جو مطلب اھو آھي تہ حڪومت جي تياري نہ ھئي؟

مخالفن وٽ بدتميزي ۽ جھالت پکيڙڻ کانسواءِ ڪجھ ناھي

عظميٰ بخاري چيو تہ ٻوڏ جي صورتحال ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ سندس ٽيم جھڙي ريت ڪم ڪيو، ان جو مثال نٿو ملي، مونکي سياست ۾ 20 سال ٿي ويا آھن، ڪڏھن ناھي ڏٺو تہ وڏو وزير ايترو سرگرم ھجي، ماڻھن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿئي، انھن سان گڏ کاڌو کائي.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو تہ ھڪ نئون طرز حڪمراني ھن وقت پنجاب ۾ نظر اچي رھيو آھي، جيڪو اسان جي مخالفن کان برداشت نہ پيو ٿئي،  مخالفن وٽ بدتميزي ۽ جھالت پکيڙڻ کانسواءِ ڪجھ ناھي.

سنڌ حڪومت تنقيد بدران پنھنجي ڪم تي فوڪس ڪري

سنڌ حڪومت بابت سوال جي جواب ۾ پنجاب جي اطلاعات واري وزير ٻڌايو تہ سنڌ حڪومت تنقيد ڪرڻ بدران پنھنجي ڪم تي فوڪس ڪري، پيپلزپارٽي جي بلاول ڀٽو زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني پنجاب حڪومت جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.

عظميٰ بخاري جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ رليف ڪارڊ جاري ڪري رھيا آھيون تہ جيئن ماڻھو عزت سان ۽ لائن ۾ بيھڻ کانسواءِ رقم حاصل ڪري سگھن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ذريعي انھن ماڻھن کي رقم نٿي ڏئي سگھجي، جيڪا ان جي ڊيٽا بيس ۾ موجود نہ آھي، ان لاءِ پنجاب حڪومت الڳ نظام ٺاھي رھي آھي.

47 لک ماڻھو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آھن

ٻوڏ سبب نقصانن جا تفصيل بيان ڪندي چيو تہ مجموعي طور تي 4797 آباديون متاثر ٿيون، جن ۾ متاثر آبادي جو انگ 47 لک 23 ھزار تائين پھچي ويو آھي، 2 لک 64 ھزار ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو

عظميٰ بخاري چيو تہ پنجاب جي وزيراعليٰ ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آھي، رليف پئڪيج عوام تائين پھچائڻ جي ذميواري کيس ڏني وئي آھي.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو تہ رليف پئڪيج تحت آبادگارن کي في ايڪڙ 20 ھزار رپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، جنھن جو پڪو گھر ڪِريو آھي، ان کي 10 لک رپيا ۽ جزوي نقصان واري يا ڪچي گھر لاءِ 5 لک رپيا معاضو ڏنو ويندو، جانورن لاءِ ڌار معاوضي جو اعلان ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں