ڪينيڊا ۽ آسٽريليا کانپوءِ برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر سٽارمر فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
وڊيو بيان ۾ برطانوي وزيراعظم چيو تہ اڄ امن ۽ ٻن رياستي حل جي اميد کي زندھ رکڻ لاءِ مان برطانوي وزيراعظم جي حيثيت سان واضح طور تي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو.
ڪينيڊا ۽ آسٽريليا ھن ھفتي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطيني رياست کي مضبوط طور تسليم ڪرڻ جي ارادن جو اعلان ڪيو ھو.
ڪينيڊا فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ وارو پھريون جي سيون ملڪ بڻجي ويو آھي، جي سيون دنيا جي 7 شاھوڪار ملڪن جي ھڪ تنظيم آھي، ڪينيڊا کانپوءِ آسٽريليا ھن گروپ جو ٻيو ملڪ بڻجي ويو آھي، جنھن باقاعدہ فلسطين کي آزاد رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.