ٿر ۾ ناياب چڻڪارا نسل ھرڻ جو موت ڪيئن ٿيو؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي:( رپورٽ شبير لاشاري)

ٿرپارڪر ۾ ناياب نسل جي چڻڪارا ھرڻ جي موت جو ڪارڻ جھنگلي جيوت جو موقف سامھون اچڻ بعد ڳجھارت بڻجي ويو آھي، مٺي ويجھو ٿر جي ڳوٺ جھپيو جي سيم ۾ ڳوٺاڻن کي ھڪ ھرڻ مئل حالت ۾ مليو ھو.

ڊبليو ٽي اين نيوز مئل ھرڻ جا جيڪي فٽيج مليا، انھن ۾ ھرڻ جي جسم تي زخمن جا نشان نظر اچي رھيا ھئا ۽ ھڪ مقامي ماڻھو مئل ھرڻ کي ٻوريءَ ۾ وجھي کڻندي نظر اچي رھيو ھو.

ناياب نسل ھرڻ شڪارين ماريو: ڳوٺاڻن جي دعويٰ

ڳوٺاڻن ڊبليو ٽي اين نيوز سان ڳالھائيندي اھا دعويٰ ڪئي تہ ٿر ۾ ناياب نسل جي ھرڻ جو غير قانوني شڪار جاري آھي، ڳوٺاڻن موجب بااثر شڪارين ھڪ ھرڻ کي ماري وڌو، پر علائقي واسين جي پھچڻ تي ھو مئل ھرڻ کي ڇڏي ڀڄي ويا.

ڳوٺاڻن جي دعويٰ آھي تہ ھرڻ جو شڪار ڪندڙن جا پيرا تہ سرزمين تي نظر آيا پر شڪارين جي خبر نہ پئجي سگھي تہ ڪيڏانھن ويا.

ڊبليو ٽي اين نيوز پاران جڏھن واقعي بابت جھنگلي جيوت کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر سان رابطو ڪيو ويو تہ ھن چيو تہ وائيلڊ لائيف کاتي جي ھڪ ٽيم علائقي ڏانھن اماڻي وئي آھي.

ھرڻ ٻئي ھرڻ سان جھيڙي دوران مُـئو: وائيلڊ لائيف

 جھنگلي جيوت کاتي جي ٽيم پاران علائقي جو دورو ڪرڻ بعد وائيلڊ لائيف کاتي ميرپورخاص ڊويزن جي ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر ڊبليو ٽي اين نيوز سان ڳالھائيندي اھا دعويٰ ڪئي تہ ھرڻ جو موت ٻئي ھرڻ سان جھيڙي دوران ٿيو آھي.

مير اعجاز ٽالپر چيو تہ ڳوٺاڻن کي جھنگ ۾ چڻڪارا ھرڻ مئل حالت ۾ مليو ھو ۽ ان جي جسم تي  زخمن جا نشان بہ موجود ھئا، ڳوٺاڻن جھنگلي جيوت کاتي کي اطلاع ڏنو تہ ڪي نامعلوم شڪاري ھرڻ کي ماري پاڻ فرار ٿي ويا آھن.

اعجاز ٽالپر جو چوڻ آھي تہ ھُن ڳوٺاڻن سان گڏ جڏھن پاڻ مئل ھرڻ جو معائنو ڪيو تہ خبر پئي تہ اھو نر ھرڻ ھو ۽ ھن جي جسم تي ڪنھن بہ گوليءَ جو گھاءُ نہ ھو، ھرڻ جي جسم تي زخم جو نشان ٻئي ھرڻ جو سڱ لڳڻ سبب ٿيل زخم جو ھو.

ٻہ نر ھرڻ ماديءَ جي قربت لاءِ وڙھيا: ڊپٽي ڪنزرويٽر اعجاز ٽالپر

ڊپٽي ڪنزويٽر مير اعجاز ٽالپر موجب مئل ھرڻ جي آسپاس ڪنھن گاڏي يا ماڻھوءَ جا پيرا موجود نہ ھيا.

ھن چيو تہ آسپاس مان جائزو ورتو ويو تہ ھڪ ڄار(کبڙ) جي وڻ اندر رت جا نشان نظر آيا ۽ کبڙ جون ٽاريون بہ ڀڳل ھيون، جن مان معلوم ٿيو تہ ھرڻ پاڻ ۾  وڙھيا آھن ۽ ويڙھ دوران ھڪ نر ھرڻ جو ٻئي نر ھرڻ جي پيٽ ۾  سڱ لڳڻ سبب موت ٿيو.

ڊپٽي ڪنزرويٽر ٻڌايو تہ ان ئي علائقي ۾ ھڪ ٻئي نر ھرڻ کي بہ زخمي حالت ۾ ڏٺو ويو آھي، جنھن جي جسم مان بہ رت وھي رھيو ھو، تنھن ڪري اھو چئي سگھجي ٿو تہ ھن ھرڻ کي ڪنھن شڪاري نہ پر ٻئي ھرڻ ماريو آھي.

مير اعجاز ٽالپر ٻڌايو تہ آگسٽ کان آڪٽوبر تائين ھرڻن جي لڳ جي مند ھوندي آھي، لڳ دوران نر ھرڻ مادي ھرڻين جي قربت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ڇتي ويڙھ ڪندا آھن ۽ ان ويڙھ دوران اھڙا واقعاپيش ايندا آھن.

ھن ٻڌايو تہ سال ۾ ٻہ ڀيرا ھرڻن ۾ لڳ ٿيندو آھي،  آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ميلاپ کان پوءِ ھرڻيون فيبروري ۽ مارچ مھيني ۾ ٻچا ڄڻينديون آھن ۽ فيبروي  ۽مارچ مھينو ۾ ٻيو ڀيرو لڳ ڪندڙ ھرڻيون وري سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ٻچا ڄڻينديون آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں