ھوٽل انتظاميا چيو شلوار قميص واري گراھڪ کي سروس نٿا ڏئي سگھون“: متاثر وڪيل عدالت پھچي ويو

فہرستِ مضامین

ظفر سومرو

(ڊبليو ٽي اين ڪراچي)

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ھڪ ريسٽورنٽ انتظاميا پاران شلوار قميص پائي ايندڙ گراھڪن کي سروس ڏيڻ کان انڪار وارو معاملو عدالت پھتو آھي، متاثر وڪيل ڪنزيومر ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آھي.

عدالت ۾ درخواست ٻڌڻ جوڳي ھجڻ يا نہ ھجڻ بابت وڪيلن دليل ڏنا، جنھن بعد عدالت 2 آڪٽوبر تائين فيصلو محفوظ ڪيو آھي تہ ھن درخواست تي ٻڌڻي ھلائجي يا نہ.

درخواستگذار وڪيل لطيف بلوچ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو تہ ھوٽل ۾ شلوار قميص پائي وياسين، جڏھن کاڌو آرڊر ڪرڻ لاءِ ھوٽل ملازم کي گھرايو تہ اُن جواب ڏنو تہ اسان جي ھوٽل جي پاليسي آھي تہ شلوار قميص پائي ايندڙن کي سروس نہ ڏينداسين.

ھوٽل مالڪ طرفان پيش ٿيل وڪيل حسيب جمالي موقف اختيار ڪيو تہ ھوٽل مالڪ تي اعتراض بي بنياد آھن، جڏھن ٽرائل شروع ٿيندو تہ شاھديون بہ پيش ڪنداسين.

درخواستگذار وڪيل دليل ڏنا تہ ھوٽل مالڪ طرفان سروس ڏيڻ کان انڪار  ڪيو ويو ۽ اِھا شڪايت ڪنزيومر ايڪٽ تحت ٻڌي سگھجي ٿي، مون ليگل نوٽيس درست ايڊريس تي موڪليو ھو، ليگل نوٽيس وصول ڪرڻ جي رسيد سميت ڪوريئر سروس جوٽيڪسٽ ميسيج بہ مون وٽ موجود آھي.

ھوٽل مالڪ جي وڪيل ٻڌايو تہ اسان کي ليگل نوٽيس ناھي مليو، اسان نہ ڪو پراڊڪٽ وڪرو ڪيو ۽ نہ وري ڪا سروس ڏني، ان لاءِ درخواست نٿي ٻڌي سگھجي، جنھن تي درخواستگذار وڪيل موقف اختيار ڪيو تہ ھوٽل انتظاميا چيو تہ اسان شلوار قميص واري گراھڪن کي سروس نٿا ڏئي سگھون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں