سڪرنڊ ( رپورٽ: سڪرنڊ ذوالفقار ڪوري ) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلزپارٽي جي سربراھ مرتضي جتوئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مسرور جتوئي ، سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سان سندس رھائشگاھ تي اھم ملاقات ڪئي.
نيشنل پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ملاقات دوران ايس يو پي جي مرڪزي صدر زين شاھ مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ ساڻس يڪجھتي جو اظھار ڪيو.
ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ مرتضي جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ زين شاھ وٽ يڪجھتي لاءِ آيا آھيون سنڌ ۾ ڪير بہ حق سچ جي ڳالھ ڪندو تہ ان مٿان اھڙي قسم جا ڪيس داخل ٿيندا.
ڀلي ڪيترا ڪيس داخل ڪيو، پوئتي نہ ھٽنداسين
ھن چيو تہ مورو واري واقعي بعد زين شاھ منھجي لاءِ آواز اٿاريو، وري جڏھن زين شاھ مورو آيو تہ ھن مٿان بہ ڪيس داخل ٿيا آهن، ھتي جيڪو بہ سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪندو ان مٿان ڪيس داخل ٿيندا، يا حقن تان پوئتي ھٽجي يا ڄمي مقابلو ڪجي، اسان تي ڪيترا بہ ڪيس داخل ڪيا وڃن، پوئتي ھٽڻ وارن مان نہ آھيون.
ھڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ جتوئي چيو تہ آصف علي زرداري سان ڪا ذاتي دشمني ناھي ، پيپلزپارٽي سان نظرياتي اختلاف آهن اسان 86 ۾ پيپلزپارٽي ڇڏي تڏھن پيپلزپارٽي جو عروج ھو، ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلزپارٽي ۽ بينظير ڀٽو جي پارٽي ۾ فرق ھو ۽ نظريو تبديل ٿيو پر ان وقت بہ پنجاھ سيڪڙو ڪجھ اخلاقيات ھئي.
ھن الزام ھنيو تہ موجودہ پيپلزپارٽي سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، ھن وقت مافيا جو ٽولو سنڌ تي قبضو ڪري ويٺو آھي، پئسن کان سواءِ پوليس ماڻھو نٿي ڇڏي پنھنجي ذاتي ملڪيت رشوت کان سواءِ ٽرانسفر نٿا ڪرائي سگھو.
پ پ خلاف ذوالفقار جونيئر ۽ ٻين کي گڏ ٿيڻ گھرجي
مرتضيٰ جتوئي چيو تہ ايندڙ وقت ۾ جي ڊي اي ، ايس يو پي، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پيپلزپارٽي جون سياسي مخالف پارٽيون جيستائين نٿيون گڏ ٿين، سنڌ جي عوام جي جند آجي نٿي ٿئي، تيستائين پنھجو ڪردار ادا ڪندا رھنداسين.
ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو تہ مرتضي جتوئي جو ٿورائتو آهيان جن اچي يڪجھتي ڪئي، ھن وقت سنڌ جي حقن واري جدوجھد ۾ گڏيل طور تي ڪم ڪري رھيا آهيو، سنڌ جي ماڻھن کي خوف مان ڪڍڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاھيون ٿا.
زين شاھ چيو تہ ذاتي مفادن کي ڇڏي ملڪ جي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، رڳو مخالفن کي جيل ۾ بند ڪرڻ وارا ملڪ تي حڪمراني ڪري رھيا آھن، ڪمپني سرڪار کي بہ احساس ضرور ٿيندو ڇو جو ملڪ ھوندو تہ سڀ ڪجھ ھوندو.