اسلام آبا ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جھانگيري کي ڪم روڪڻ بعد ھاءِ ڪورٽ ۾ نئون بحران پيدا ٿي ويو آھي.
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي 3 ججز ٽئين ڏينھن بہ عدالتي ڪارروائي ھلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ واري فيصلي بعد 3 ججن ٻئي ڏينهن به عدالتي ڪارروائي ھلائڻ کان انڪار ڪيو.
جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز جي ڪاز لسٽ ٻئي ڏينهن بہ رد ٿي وئي آھي.
جسٽس طارق محمود جھانگيري کي ڪم کان روڪڻ بعد ٽنھي ججز عدالتي ڪارروائي ھلائڻ کان انڪار ڪيو.
جسٽس محمود جھانگيري کي ڪم کان ڇو روڪيو ويو ھو؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 16 سيپٽمبر تي پنهنجي ئي ساٿي جج، جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عدالتي ذميواريون انجام ڏيڻ کان روڪيوھو. هي حڪم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ، جسٽس جهانگيري جي مبينا جعلي قانوني ڊگري بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ڏنو ويو ھو
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڇو ته مبينا جعلي ڊگري وارو معاملو اڳ ۾ ئي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ زير غور آهي ۽ ان حوالي سان ريفرنس به داخل آهي، تنهن ڪري جيستائين ڪائونسل حتمي فيصلو نٿي ڏئي، تيستائين جسٽس طارق جهانگيري ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪري سگهندا.
ان حڪم بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نئون جج جو روسٽر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مان جسٽس جهانگيري جو نالو سڀني بينچن مان هٽايو ويو آهي.عليم عباسي موجب آئين ۽ قانون تحت ڪنهن جج جي رويي (conduct) بابت رڳو سپريم جوڊيشل ڪائونسل ئي جاچ ڪري سگهي ٿي.
عدالت اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪيو. درخواستگذار، ميان داؤد ايڊووڪيٽ، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج سجاد علي شاهه جي مقرري بابت ڏنل سپريم ڪورٽ جي ڏه رڪني بينچ جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته جج خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ته ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، پر آئين جي آرٽيڪل 199 تحت درخواست ڏيڻ کان روڪي نٿو سگهجي.
واضح رهي ته جسٽس جهانگيري انهن ڇهن ججن مان هڪ هئا، جن سينياريٽي جي بنياد تي جسٽس سرفراز ڊوگر کي لاهور هاءِ ڪورٽ مان، ۽ ٻه ٻين ججن کي بلوچستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان آڻڻ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.
اسلام آباد بار سخت رد عمل ڏنو ھو
عدالتي فيصلي تي اسلام آباد بار سخت رد عمل ڏيندي سپريم جڊيشل ڪائونسل کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڪيو ھو.
اسلام آباد بار ڪائونسل ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي عدالتي فيصلي کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ ان کي عدليہ جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن قرار ڏنو.
بار ڪائونسل جي ميمبر ايدووڪيٽ عليم عباس پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ ائين ڪڏھن ناھي ٿيو تہ ھڪ جج کي سندس ئي ساٿي جج ڪم کان روڪين، آئين ۽ قانون موجب جج جو ڪنڊڪٽ رڳو سپريم جڊيشل ڪائونسل ئي ڏسي سگھي ٿي، ھي غلط روايت آندي پئي وڃي تہ ھڪ جج ٻي جج خلاف فيصلا جاري ڪري.
عليم عباسي چيو تہ اسان عدالت کي چيو تہ کين ٻڌو وڃي، پر بعد ۾ گھر پھچڻ بعد خبر پئي تہ حڪم جاري ڪيو ويو آھي، اڄ ھي سلسلو شروع ٿيو آھي، سڀاڻي ھر جج ٻي کي ڪم کان روڪيندو.
سپريم جڊيشل ڪائونسل نوٽيس وٺي
ھنن مطالبو ڪيو تہ سپريم ڪورٽ ان مامري تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ جسٽس جھانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪمنامو معطل ڪري.ھن چيو تہ سپريم ڪورٽ جا 2 فيصلا موجود آھن، آئين جي آرٽيڪل 209 تحت ئي ڪنھن جج کي ھٽائي سگھجي ٿو، ان کانسواءِ نٿو ھٽائي سگھجي.
بار ڪائونسل فيصلي جي مذمت ڪندي اسلام آباد جي ضلعي عدالتن ۽ ھاءِ ڪورٽ ۾ مڪمل ھڙتال جو اعلان ڪيو، جنرل باڊي اجلاس بعد وڪيل ريلي بہ ڪڍندا.
عليم عباسي چيو تہ جيڪڏھن اڄ پشاور ھاءِ ڪورٽ چوي تہ جسٽس ڊوگر ڪم نٿو ڪري سگھي تہ ڇا اھو طريقو ھوندو، اھڙي قسم جا فيصلا قبول نہ ڪيا ويندا.
اسلام آباد ڪار ڪونسل واضح ڪيو تہ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو جيڪو بہ فيصلو ھوندو، اھو تسليم ڪيو ويندو پر ھڪ جج کي ٻي جج کان ڪم کان روڪڻ جو قدم غير آئيني ۽ عدليہ جي تاريخ تي داغ آھي.
جسٽس جھانگيري تي ڪھڙا الزام آھن؟
واضح رھي تہ جسٽس طارق محمود جھانگيري اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ان 6 ججز ۾ شامل ھئا، جن سينارٽي لسٽ جي مامري تي جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ ٻن ججز کي بلوچستان ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ آڻڻ جي مخالفت ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ان درخواست کي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ھو پر ان فيصلي خلاف انھن ئي ججز نظرثاني درخواست بہ داخل ڪرائي آھي. جسٽس طارق محمود جھانگيري جي ڊگري خلاف درخواست ۾الزام لڳايو ويو آھي تہ ھن ڪراچي جي ھڪ ڪاليج کان قانون جي جعلي ڊگري حاصل ڪئي آھي، جسٽس طارق محمود جھانگيري اسلام آباد جو ايڊووڪيٽ جنرل بہ رھي چڪو آھي.