ڪراچي ( رپورٽ: شبير لاشاري ) وڏي وزير سيد مراد علي شاه خبردار ڪندي چيو آھي تہ ٻوڏ سبب آبادگارن کي پھچندڙ نقصان جو تڪڙو ازالو نہ ڪيو ويو تہ ملڪ جي فوڊ سڪيورٽي خطري ۾ پئجي ويندي.
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ قائم ڪيل سينٽر آف ايڪسيلينس فار ڊس ايبليٽي انڪلوژن جي افتتاح موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو تہ آبادگارن جي مسئلي جو فوري حل ڪڍڻ ضروري آھي، ٻي صورت ۾ فوڊ سيڪيورٽي جا سنگين مسئلا پيدا ٿيندا.
ھن چيو تہ سنڌ سرڪار بلاول ڀٽو جي ھدايت تي صوبي جي آبادگارن جي امداد لاءِ ھڪ پئڪيج جو خاڪو تيار ڪيو آھي، جنھن جا تفصيل جلد پڌرا ڪيا ويندا، هن وفاقي حڪومت پاران گڏيل قومن کان امداد وٺڻ واري فيصلي جي به حمايت ڪئي.
گڊو وٽ پاڻي سطح ۾ لاٿ، سکر وٽ وڏي ٻوڏ
وڏي وزير چيو تہ سنڌ ۾ ٻوڏ جا وڏا وھڪرا گڊو بيراج وٽان گذري چڪا آھن، ھن وقت سکر وٽ وڏي ٻوڏ واري صورتحال آَھي، اميد آھي تہ اتان بہ خيريت سان پاڻي گذري ويندو، پاڻي 7 ڏينھن اندر ڪوٽڙي بئراج پھچندو، ان جي بہ تياري مڪمل آھي
ھن وڌيڪ چيو تہ سندس حڪومت ٻوڏ سٽيل آبادگارن جي مڪمل مدد ڪري رھي آهي، ساڳي وقت امن امان جي بحالي ۽ خاص ماڻهن جي شموليت جي واڌاري لاءِ به پرعزم آهي.
وڏي وزير چيو تہ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي پيماني تي ٻوڏ نقصانن کانپوءِ زرعي هنگامي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. هن وزيراعظم شهباز شريف پاران زرعي هنگامي ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ ۽ ڪميٽي قائم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو
ٻوڏ جي صورتحال بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو تہ سنڌ حڪومت پاران فوري حفاظتي قدم کنيا ويا هئا، خدا جو شڪر آهي جو گڊو بئراج تي پاڻي جي سطح گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي جيتوڻيڪ سکر بئراج تي اڃا بہ تيز وھڪرا آهن جيڪي جلد گهٽجڻ جي اميد آهي.
ڪي ڪي ۽ ٽوڙي بند مضبوط آھن
بندن جي صورتحال تي ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تہ ڪي ڪي بند، شينڪ بند ۽ ٽوڙي بند محفوظ آهن، ڪوٽڙي بئراج کي ايندڙ ست کان 7 ڏينهن ۾ تيز وھڪرن کي منهن ڏيڻو پوندو.
هن اجتماعي ردعمل جي واکاڻ ڪندي چيو تہ اسان کي 0.8 کان 1.1 ملين ڪيوسيڪ پاڻي جي وھڪري جي اميد هئي پر الله جي فضل سان سڀ ڪجهه اڃا تائين ڪنٽرول ۾ آهي. مان سڀني کاتن، ماڻهن ۽ ميڊيا جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
ڪچي ۾ آپريشن ۽ مالي معاملن بابت سوال تي وڏي وزير چيو تہ پوليس آپريشن ٻوڏ کان ڪافي اڳ شروع ڪيو ويو هو،هڪ مهينو اڳ گڏيل اجلاس ٿيو هو، گذريل ڏينهن ان جو جائزو ورتو ويو ۽ ايندڙ هفتي ٻيهر اجلاس ٿيندو.
مالي معاملن بابت وضاحت ڪندي وڏي وزير مراد شاهه چيو تہ قومي مالي ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 160 تحت قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ناڻي بابت وفاقي وزير ۽ سڀني صوبن جا ناڻي وارا وزير شامل آهن.
آبادگارن تان مڪمل ٽيڪس ختم نٿا ڪري سگھون
هن چيو تہ زرعي ٽيڪسن جو جائزو وٺڻو پوندو، اسان آبادگارن تان ٽيڪس مڪمل ختم نه ٿا ڪري سگهون پر اها پڪ ڪنداسين تہ آمدني جا هدف پوريون ٿين.
وڏي وزير خبردار ڪيو تہ جيڪڏھن زرعي هنگامي ايمرجنسي لاڳو نه ٿي تہ ڊسمبر ۽ جنوري کانپوءِ ملڪ کي ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، گذريل سال آبادگارن کي مناسب اگهه نه ملڻ سبب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رھيو تہ بحران وڌيڪ شديد ٿيندو.
مرڪز براءِ معذوري شموليت جو افتتاح
وڏي وزير ڪورنگي ۾ معذور ماڻهن جي شموليت لاءِ ٺهيل مرڪز جو افتتاح ڪيو جيڪو “ناو پاڪستان ڊس ايبليٽي پروگرام” ۽ ڏيھي و پرڏيھي ڪمپنين جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو آهي.
هزار اسڪوائر فوٽ تي ٻڌل هي مرڪز ويل چيئر ٺاهڻ جو يونٽ، آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائل ٽريننگ ليبز، صنعتي سلائي روم، پيڪيجنگ ورڪشاپس، ڪلنري ۽ بييوٽيشن پروگرامن سان گڏوگڏ نيورو ڊائيورس ماڻهن لاءِ بحالي جون سهولتون به مهيا ڪندو.
وڏي وزير جو رڪشا ۾سفر
دوري دوران خاص ماڻهن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو تہ جيڪي رڪشا هلائڻ جي تربيت يافتہ آهن انهن کي ڊرائيونگ لائسنس ڏنو وڃي. سيد مراد علي شاهه هڪ تربيت ماڻيندڙ ڊرائيور سان رڪشا تي مختصر سفر به ڪيو ۽ سندس مهارت جي واکاڻ ڪئي.