ڪراچي: اينٽي ڪرپشن آفيس مان جاري ٿيل پڌرائي موجب اينٽي ڪرپشن سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل امتياز ابڙو جي ھدايت تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اولھہ عبدالواحد چنہ ڪارروائي ڪئي آھي.
نارٿ ناظم آباد جناح وومين ڪاليج جي اڳوڻي پرنسپال بابر شاھہ جي شڪايت تي ڪاليج جي فنڊز ۾ گھوٻين جَي الزام ۾ آفيس سرپينٽنڊنٽ ريحان کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آصف راڄپر ڊائريڪٽر جنرل سنڌ جي ھدايت تي ڪارروائي ڪندي گرفتار آفيس سرپينٽنڊنٽ ريحان خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.