سنڌو درياھہ ۾ چاڙھ ۽ لاٿ: زمينداري بندن ۽ شاخن کي گھارا،او جي ڊي سي ايل جي کوھن مان گئس فراھمي بند

فہرستِ مضامین

سنڌو درياھ ۾ چاڙھ ۽ لاٿ جو سلسلو جاري آھي، گڊو بئراج وٽان وھڪرن ۾ 13 ھزار ڪيوسڪس جي لاٿ ٿي آھي، جنھن بعد مٿانھون وھڪرو 6 لک 11 ھزار 51 ڪيوسڪس ۽ ھيٺانھون وھڪرو 5 لک 83 ھزار 154 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

سکر بئراج وٽ گذريل 12 ڪلاڪن دوران 11 ھزار ڪيوسڪس جي واڌ رڪارڊ رڪارڊ ٿي آھي، مٿانھون وھڪرو 5 لک 71 ھزار 800 ۽ ھيٺانھون وھڪرو 5 لک 18 ھزار 120 ڪيوسڪس تائين پھچي ويو، ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو 2 لک 93 ھزار 17 ڪيوسڪس ۽ ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 82 ھزار 412 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

ڪشمور، لاڙڪاڻي ۽ نوشھروفيروز ضلعي جي ڪچي جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ ھيٺ اچي ويا آھن.

جيڪب آباد جي رند واھي واھ کي 30 فوٽ گھارو پوڻ سبب پاڻي بلال ٽائون ۽ بولان پاڙي جي گھرن ۾ داخل ٿي ويو

ڳوٺاڻن موجب اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي کاتي جو عملو نه پهچي سگهيو آھي، علائقي واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.

موھن جو دڙو جي ڪچي واريءَ علائقي ۾ ڳوٺ بيدي لاشاري ويجهو ڏنل  زمينداري بند کي ٻن ھنڌن تان ٻه گهارا پئجي ويا، جنهن سبب پاڻي هيٺ سوين ايڪڙن تي بيٺل ترن جو فصل ٻڏي ويو

ٻوڏ جو پاڻي تيزي سان ڳوٺن بيدي لاشاري، دين پور، دودو ڪلهوڙو ۽ ٻين طرف وڌڻ لڳو آھي، جنهن سبب 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي.

زمينداري بند ڇو ڏنا ويندا آھن؟

ياد رھي تہ بچاءَ بند سنڌو درياھہ جي پيٽ ۾ مک بچاءَ بندن کان پھريان ڏنا ويندا آھن ۽ بااثر زميندار پنھنجا زمينداري بند قائم ڪري پاڻي وھڪرن کي روڪيندا  آھن.

2 ڏينھن اڳ نوشھرو فيروز ۾ گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار بچاءَ بندن جي دوري دوران چيو ھو تہ زمينداري بند پاڻي جي رستي ۾ رڪاوٽ ۽ شھرين لاءِ خطرو آھن، اِنھن زمينداري بندن کي ختم ڪرايو وڃي.

گھوٽڪي جي ڪچي ۾ قادرپور ويجھو ٻوڏ وھڪرن سبب او جي ڊي سي ايل جي10 کوھن مان گئس جي فراھمي بند ٿي وئي آھي. او جي ڊي سي ايل اختيارين جو چوڻ آھي تہ کوھن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ عارضي طور گئس جي فراھمي بند ڪئي وئي آھي.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح کان وقفي وقفي سان ھلڪي برسات جو سلسلو جاري آھي، موسميات کاتي اڄ کان 19 سيپٽمبر تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ خيبرپختونخواھ، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ برساتن جو امڪان آھي، 19 سيپٽمبر تائين پنجاب جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ ڪڪر وسي سگھن ٿا، سنڌ جي سامونڊي علائقن ۽ بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ بہ موسم جھڙالي رھندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں