وسڪارن جي يارھين اسپيل جو الرٽ، پنجند وٽان وڏو وھڪرو گڊو پھچندو، تياريون مڪمل ڪرڻ جي ھدايت

فہرستِ مضامین

پنجاب ۾ قدرتي آفتن کي منھن ڏيندرڙ اداري (پي ڊي ايم اي) موجب صوبي ۾ وسڪارن ۽ ٻوڏ جي ڪري مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ وڌي 104 ٿي ويو آھي، جڏھن تہ لکين ماڻھو متاثر ٿيا آھن، پي ڊي ايم اي مون سون جي يارھين اسپيل جو الرٽ جاري ڪندي خبردار ڪيو آھي تہ 16 کان 19 سيپٽمبر دوران گجگوڙ سان وسڪارن جو امڪان آھي.

پي ڊي ايم اي موجب پنجاب ۾ وسڪارن ۽ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ فوت ٿيل ماڻھن جو انگ وڌي 104 ٿي ويو آھي، جڏھن تہ لکين ماڻھو متاثر پڻ ٿيا.

پي ڊي ايم اي موجب پنجاب ۾ راوي، چناب ۽ ستلج درياھن ۾ چاڙھہ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي، جنھن سبب مختلف ضلعن ۾ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي.

پي ڊي ايم اي وسڪارن جي يارھين اسپيل جو الرٽ جاري ڪندي خبردار ڪيو آھي تہ 16 کان 19 سيپٽمبر دوران مٿانَھن وارن علائقن ۾ برسات ٿي سگھي ٿي.

پي ڊي ايم اي موجب برساتن جي ڪري ندي نالن ۾ چاڙھہ واري صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي، مقامي انتظاميا کي الرٽ جاري ڪيو ويو آھي، اڳواٽ قدم کنيا وڃن.

ڊي جي پي ڊي ايم اي شھرين کي اپيل ڪئي آھي تہ ھو درياھن ڏانھن نہ وڃن، تفريحي ماڳن تي وڃڻ کان بہ پاسو ڪيو وڃي.

ٻوڏ سبب 4700 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا

ان حوالي سان ريليف ڪمشنر نبيل جاويد ٻڌايو تہ ٻوڏ صورتحال جي ڪري 4700 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿي چڪا آھن. چناب درياھہ ۾ ٻوڏ جي ڪري مجموعي طور تي 2475 ڳوٺ ۽ راوي درياھہ جي ڪري 1458 ڳوٺ متاثر ٿيا آھن.

رليف ڪمشنر ڊيم ۾ پاڻي جي صورتحال جي حوالي سان ٻڌايو تہ منگلا ڊيم 93 سيڪڙو ۽ تربيلا ڊيم 100 سيڪڙو ڀرجي چڪا آھن جڏھن تہ ستلج وٽ موجود ڀارتي ڀاڪڙا ڊيم 88 سيڪڙو، پونگ ڊيم 94 سيڪڙو ۽ ٿين ڊيم 88 سيڪڙو ڀريل آھن.

ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري مجموعي طور تي 45 لک 74 ھزار ماڻھو متاثر ٿيا آھن ۽ مختلف حادثن توڙي واقعن ۾ ھيل تائين صوبي جي مختلف علائقن ۾ 104 شھري جانيون وڃائي چڪا آھن.

پنجند وٽان گڊو ۾ وڏو وھڪرو شامل ٿيندو

پنجاب جي شجاع آباد، رحيم يار خان، احمدپور شرقيه، راجن پور ۽ وهاڙي جا سوين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن۔

فيڊرل فلڊ ڪميشن موجب چناب درياھہ وٽ پنجند بئراج وٽ وڏو وھڪرو موجود آھي، جڏھن تہ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن اندر گڊو بئراج وٽ بہ وڏو وھڪرو داخل ٿيڻ جو امڪان آھي.

چناب درياھہ ۾ چاڙھہ سبب ملتان ٻوڏ جي زد ۾ آھي، ھيڊ محمد والا ۽ شير شاھہ جون ڪيتريون وسنديون اڃا تائين پاڻي ھيٺ آھن، شجاع آباد ۽ جلال پور پير والا ۾ لکين ماڻھو بي گھر ٿي چڪا آھن.

ھوڏانھن چاچڙان وٽ ٻوڏ سبب سوين گھر ٻڏي ويا آھن، ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھہ ٿي ويو آھي، روڊ رستا ٻڏڻ سبب زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں