سنڌ جو سينيئر ترين جج، جسٽس ظفر راجپوت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

فہرستِ مضامین

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج جسٽس ظفر احمد راجپوت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ٿي ويو آھي.جسٽس ظفر راجپوت جڊيشل ڪميشن پاران مستقل چيف جسٽس جي مقرري تائين سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور ڪم ڪندو رھندو.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس محمد جنيد غفار رٽائر ٿي ويو آھي، جنھن کانپوءِ سينيئر ترين جج جسٽس ظفر راجپوت کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں