ملير جي ڪوڪر ندي ۾ لڙھي ويل وڌيڪ ھڪ ڄڻي جو لاش ڪڍيو ويو

فہرستِ مضامین

ملير جي ڪوڪر ندي ۾ ٻڏي ويل وڌيڪ ھڪ ڄڻي جو لاش ڪڍيو ويو، جنھن بعد فوتين جو انگ 5 ٿي ويو آھي.

پاڪستان نيوي جي رضاڪارن ڪوڪر ندي ۾ ٻڏي ويل اقبال لاشاري جو لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، ڪوڪر ندي مان وڌيڪ ھڪ ڄڻي جو لاش ھٿ اچڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آھي.

پوليس جو چوڻ آھي تھ وڪر ندي ۾ 7 ڄڻا ٻڏي ويا ھئا، جن مان 5 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آھن، پوليس موجب پاڪستان نيوي، ضلعي انتظاميھ ۽ مقامي رضاڪار ٻڏي ويلن جي ڳولا ڪري رھيا آھن.

پوليس جو چوڻ ھو تھ ڪوڪر ندي ۾ ٻڏي ويل وڌيڪ ٻن ڄڻن جي ڳولا جاري آھي، جنھن ۾ پاڪستان نيوي جا جوان بھ حصو وٺي رھيا آھن……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں