وزيراعظم شھباز شريف، دوھا تي اسرائيلي حملن کانپوءِ قطر جي قيادت ۽ عوام سان يڪجھتي لاءِ قطر جو ھڪ ڏينھن جو سرڪاري دورو ڪيو ۽ اتان جي قيادت سان ملاقات ڪئي.
سرڪاري پڌرائي موجب وزيراعظم شھباز شريف ھڪ ڏينھن جي دوري تي دوھا پھتو، جتي قطر جي نائب وزيراعظم سندس آجيان ڪئي، جنھن بعد ھن قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان ملاقات ڪئي.
وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي دوھا تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي چيو تھ اسرائيلي حملو قطر جـِي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل ڀڃڪڙي آھي، پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي پنھنجي بردار ملڪ خلاف اھڙي ريت حملي تي سخت ڳڻتي آھي، جيڪي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھن.
وزيراعظم قطري قيادت کي پاڪستان جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ چيو تھ وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جي وڌندڙ جارحيت کي روڪڻو پوندو، جنھن لاءِ مسلمان ملڪن کي پنھنجي صفن ۾ اتحاد ڪرڻو پوندو.قطر جو ھڪ ڏينھن جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد وزيراعظم شھباز شريف ڏيھھ پھچي ويو آھي.